نڪور خبرون
Home / شوبز / ميرا پنهنجي اصل عمر ٻڌائڻ بدارن ساوا مرچ کائڻ کي ترجيح

ميرا پنهنجي اصل عمر ٻڌائڻ بدارن ساوا مرچ کائڻ کي ترجيح

ڪراچي: (شوبز)پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪاره ميرا جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان جي انگريزي ۽ اصل عمر هميشه ئي بحث جو سبب بڻجندي رهندي آهي. اداڪاره ميرا هميشه  پنهنجي اصل  عمر ٻڌائڻ کان لهرائيندي آهي ۽ جڏهن به ان کان ڪنهن انٽرويو ۾ عمر بابت سوال ڪيو ويندو آهي ته هو ان ڳالهه جو جواب ڏيندي تمام گهڻو پريشان ٿي ويندي آهي. ميرا موجب هن 14 يا 16 سالن جي عمر ۾ فلم انڊسٽري ۾ قدم رکيو هو ۽ ان جي پهرين فلم ڪانٽا 1995ع ۾ رليز ٿي هئي. ميرا چوي ٿي ته سرچ انجڻ گوگل ان جي عمر غلط ٻڌائيندو آهي. تازو ئي اداڪاره ميرا کي عفت عمر پنهنجي ويب شو ۾ گهرايو جتي ميزبان ميرا کان سوال ڪيو ته مان ايندڙ سال فيبروري ۾  48 سالن جو ٿي ويندس اوهان عمر ۾ مون کان ڪيتري ننڍي آهيو؟ ميزبان جي سوال تي يا ته ميرا کي جواب ڏيڻو هو يا ته سوال جو جواب ڏيڻ کان سواءِ ئي ميز تي رکيل سائي مرچ کي کائڻو هو. اداڪاره ميرا انٽرويو ۾ پنهنجي عمر ٻڌائڻ جي بجاءِ سائي مرچ کاڌي ۽ هن چيو ته جيڪڏهن مان پنهنجي عمر ٻڌائيندس ته سمورين عورتن جي توهين ڪندس ڇو ته اهو ضروري ناهي ته مان پنهنجي عمر ٻڌايان. جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي صارفين طرفان ميزبان عفت عمر کي تنقيد جو نشانو بنايو ويو ۽ صارفين جو چوڻ آهي ته ميزبان کي پنهنجي شو ۾ اهڙِ طرح ڪنهن به اداڪاره سان زبردستي نه ڪرڻ گهرجي پر ان جي عزت ڪرڻ گهرجي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايان علي جو ڊگهي وقت کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پيغام

ڪراچي(شوبز) پاڪستان فيشن انڊسٽري جي مشهور ماڊل ۽ گلوڪاره ايان علي ڊگهي وقت کان پوءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے