نڪور خبرون
Home / سنڌ / اسان کي ڪورونا جي وبا مان عوام جان ڇڏائڻ لاءِ ماهرن جي رهنمائي جي ضرورت آهي:مراد علي شاهه

اسان کي ڪورونا جي وبا مان عوام جان ڇڏائڻ لاءِ ماهرن جي رهنمائي جي ضرورت آهي:مراد علي شاهه

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا جي حوالي سان اسان جي هن وقت تائين حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي. ڊاڪٽر قيصر جي سربراهي ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي وفد سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ جي حوالي سان حڪومتي قدمن ۽ تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعليٰ جي ترجمان موجب پي ايم اي جي وفد ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ وڏي وزير کي مختلف تجويزون ڏنيون. پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن لاڪ ڊائون کي وڌيڪ سخت ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي چيو ته لاڪ ڊائون 15 ڏينهن اڳ ڪرڻ کپندو هو. پي ايم اي جي وفد چيو ته لاڪ ڊائون جو مقصد هن وبا کي گهٽ ڪرڻ آهي ان دوران ان جي مڪمل تياري ڪرڻ گهرجي، ڪورونا وائرس جي مريضن کي بلڪل الڳ رکيو وڃي ڇو ته ڪورونا وائرس سبب ٻيا مريض پريشان آهن. سنڌ جي وڏي وزير وفد کي ٻڌايو ته جڏهن مرض چين ۾ ڦهليو ته اسان اجلاس ڪوٺايو، 15 مارچ کان اڏامون، ٽرينون ۽ بس سروس بند ڪرائڻ پئي چاهي پر ان تي اتفاق نه ٿي سگهيو. هن چيو ته اسان جي هن وقت تائين حڪمت عملي ڪامياب رهي، ايران کان ايندڙن کي سکر ۾ رکيو، 280 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي، اسان سڀني کي آئسوليشن ۾ رکيو ۽ وائرس کي ڦهلجڻ نه ڏنو. هن چيو ته لوڪل ٽرانسميشن جي ڪري وائرس وڌيڪ ڦهليو، وڌيڪ نقصان انهن کي ٿيو آهي جن سماجي دوري اختيار نه ڪئي، جيڪڏهن عوام غيرضروري طور ٻاهر نه نڪري ها ته اڄ ڪراچي ۾ ايترا ڪيس نه ٿين ها. وڏي وزير چيو ته اسان کي ڪورونا جي وبا مان عوام جان ڇڏائڻ لاءِ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۽ ٻين ماهرن جي رهنمائي جي ضرورت آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے