نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ان غلط فهمي ۾ نه رهو ته ڪورونا سان پاڪستانين کي ڪجهه نه ٿيندو:عمران خان

ان غلط فهمي ۾ نه رهو ته ڪورونا سان پاڪستانين کي ڪجهه نه ٿيندو:عمران خان

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان ماڻهن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس ڪنهن کي به ناهي ڇڏيندو، سوشل ميڊيا جي افواهن تي ڌيان نه ڏيو، لاهور ۾ ڪورونا رليف فنڊ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪورونا ڪنهن کي نه ڇڏيندو، ماڻهو چريائپ ڪري پنهنجو پاڻ کي ڏچي ۾ نه وجهن، ان غلط فهمي ۾ نه رهو ته ڪورونا سان پاڪستانين کي ڪجهه نه ٿيندو، هن چيو ته سمورن ڊونرز جو ٿورائتو آهيان، جن وزيراعظم ڪورونا رليف فنڊ ۾ عطيو ڏنو، ڏکئي وقت ۾ ئي انسان جي ايمان جي خبر پوندي آهي، جڏهن ڪاروباري شخصيت نقصان جي دور ۾ فراڊ ڪندو آهي ته اُهو تباهه ٿي ويندو آهي، انسان جي سڀ کان وڏي خاصيت ڏکئي وقت ۾ صبر ڪرڻ آهي، عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ 5 کان 6 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ آهن، آئون ڪورنا وبا کي وڏو چئلينج سمجهان ٿو، بدقسمتي سان اسلام کي ووٽ وٺڻ ۽ ٻين سبب جي ڪري استعمال ڪيو ويو، قوم هن چئلينج مان نڪرندي ته بلڪل مختلف قوم هوندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے