نڪور خبرون
Home / سنڌ / صوبا وفاق ڏانهن واجهائي رهيا آهن، اڄ اسان کي هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي: بلاول

صوبا وفاق ڏانهن واجهائي رهيا آهن، اڄ اسان کي هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي: بلاول

لاڙڪاڻو/نئون ديرو (رپورٽر/مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صوبا وفاق ڏانهن واجهائي رهيا آهن، اڄ اسان کي هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي، وفاق کي هر صوبي جي مدد ڪرڻي پوندي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي يوم شهادت تي ويڊيو پيغام جاري ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائد عوام جا نظريا ۽ قوم اسان کي ان ڳالهه جو سبق ڏين ٿا ته پاڪستان مختلف ٻولين ۽ ثقافتن جو گلدستو آهي، جيڪو گڏجي اسان جي هڪجهڙي قومي سڃاڻپ ٺاهي ٿو، هر سال 4 اپريل تي سڄي ملڪ مان پ پ جا لکين جيالا ڳڙهي خدا بخش ڀٽو گڏ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج پيش ڪندا آهن پر اڄ مان اڪيلو دعا گهرڻ ڳڙهي خدا بخش آيو آهيان، جنهن جو سبب دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ حڪومتون پنهنجي شهرين جي زندگي ۽ صحت جي حوالي سان ڏکيا فيصلا ڪري رهيون آهن، پاڪستان ۾ به توهان جي زندگي بچائڻ ۽ صحت جي تحفظ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪيا پيا وڃن، مان انهن پاڪستانين جو ٿورائتو آهيان، جن ڏکئي وقت ۾ امداد ڏئي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، ڄاڻان ٿو ته پاڪستاني عوام غريبن جي مدد ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت مختلف فلاحي ادارن ۽ سياسي جماعتن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي، اسان جي ڪوشش رهي آهي ته سمورن حقدارن کي راشن پهچي، سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ان بحران ۾ ادارا ملازمن کي سموري پگهار ڏيندا ۽ ڪنهن کي بيروزگار نه ڪيو ويندو، اپيل ٿو ڪيان ته غريبن جي مدد لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو، اڪيلي سر اهو ڪم نٿا ڪري سگهون. پ پ چيئرمين موجب هي وقت آهي ته اسان پاڻ ۾ تڪرار وساري هڪ ٿي وڃون، صوبا پراميد آهن ته وفاق سڀني کي برابري جي بنياد تي ڊيل ڪري ضرورتون پوريون ڪندو، هر صوبي جي وفاق کي مدد ڪرڻي پوندي، ٽيسٽنگ ڪٽس پهچائڻيون پونديون، وفاق کي هر صوبي جي ڊاڪٽرن لاءِ حفاظتي لباس پهچائڻو پوندو، هر صوبي جي بيمار ماڻهن لاءِ وينٽي ليٽر پهچائڻا پوندا. بلاول ڀٽو زرداري عوام کي اپيل ڪندي چيو ته حڪومت جي تجويزن تي عمل ڪندي گهرن ۾ رهو ۽ سماجي فاصلو اختيار ڪيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے