نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ميڊيا ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايان ٿو، هي وقت ناراضگي جو نه پر گڏ ٿيڻ جو آهي: شيخ رشيد

ميڊيا ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايان ٿو، هي وقت ناراضگي جو نه پر گڏ ٿيڻ جو آهي: شيخ رشيد

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ)ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون سان پاڪستان ريلوي کي هر هفتي هڪ ارب 20 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته اسان حڪومت جي فيصلي جا پابند آهيون، پر لاڪ ڊائون ختم ٿيو ته 20 مسافر ٽرينون هلائينداسين، ٽرينون هلائڻ لاءِ ماڻهن جو ضد آهي ۽ مجبوريون آهن، هن چيو ته اسان هڪ ارب 20 ڪروڙ رپين جو هر هفتي نقصان ٿي رهيو آهي، 15 تاريخ کان وزيراعظم جي اجازت سان ريلوي جي فريٽ شروع ڪنداسين، لاڪ ڊائون کان اڳ رڪارڊ بيس ٽرينون هلايون آهن، آخري ٻن ڏينهن دوران 40 ٽرينون نه هلايون ها ته ڪراچي ۾ ماڻهو پريشان نظر اچن ها، اسان آخري ٻن ڏينهن ۾ 40 ٽرينن ۾ هڪ لک 65 هزار مسافرن کي منتقل ڪيو، ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته ريلوي جي پينشنرز ۽ پگهاردارن کي ڪا پريشاني نه ٿيندي، هڪ لک 65 هزار ماڻهن کي اسان ريلوي مان گهر موڪليو آهي، اسان وٽ 1670 ڪولي آهن، انهن سمورن جو ڊيٽا احساس پروگرام ۾ موڪليو آهي، شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ريلوي ۾ ڪو به ملازم ڪورونا جو شڪار نه ٿيو آهي، جڏهن ته اسان وٽ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ حالتون بهتر آهن، 14 اپريل تي ڪورونا جي صورتحال واضح ٿي ويندي، جيڪڏهن وائرس وڌيو ته 15 اپريل تي ٽرينون نه هلائينداسين.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے