نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / دنيا جا 2 سئو 5 ملڪ وائرس جو شڪار ٿي چڪا، هزارين حياتيون ضايع

دنيا جا 2 سئو 5 ملڪ وائرس جو شڪار ٿي چڪا، هزارين حياتيون ضايع

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪورونا وائرس پوري دنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. هن وائرس جي ڪري  هينئر تائين 59 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ 11 لک کان وڌيڪ  ماڻهو هن موذي مرض ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.هن وائرس جي ڪري پوري دنيا ۾ خوف پکڙجي ويو آهي ۽ هر ملڪ پنهنجي ملڪ ۾ ان جي پکيڙ کي روڪڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي.  هينئر تائين دنيا جا 205 ملڪ هن وائرس جي وڪڙ ۾ اچي چڪا آهن پر ڪجهه خوش نصيب ملڪ اهڙا به آهن جتي هي موتمار وائرس هينئر تائين ناهي پهچي سگهيو. ڪورونا وائرس هينئر تائين دنيا جي ارڙنهن ملڪن تائين ناهي پهچي سگهيو.2 عرب ملڪ اهڙا آهن جتي ڪورونا هينئر تائين ناهي پهچي سگهيو. پهريون ملڪ ڪرپايا، ڪوموروس، هي هڪ ننڍو ٻيٽ آهي جتي هينئر تائين ڪوبه هن وائرس جو شڪار ناهي ٿيو. عرب ملڪن ۾ ٻيو وڏو ملڪ يمن آهي جتي اڃان تائين ڪورونا جو ڪوبه ڪيس سامهون ناهي آيو.اتر ڪوريا، تاجڪستان ۽ ترڪمانستان اهي ملڪ آهن جتي ٻين ملڪن جي عوام جي اچ وڃ انتهائي گهٽ آهي ۽ شايد اهوئي سبب آهي ته هي ملڪ ڪورونا کان محفوظ آهن.آفريڪا جي ملڪن ليسوتهو، ڏکڻ سوڊان ۽ سائوٽوم ۽ پرنسيپ اڃان تائين ڪورونا کان بچيل آهن. ان  جو به شايد هڪ وڏو سبب اهو آهي ته هتي  مختلف ملڪن جي  ماڻهن جي اچ وڃ نه هجڻ جي برابر آهي.گيريباتي، مارشل ٻيٽ، مائڪرونيشيا، ناورو، پلائو، جزائر سليمان، نوالو، ٽونگا ۽ وانواتو به ان محفوظ هنڌن ۾ شامل آهي. جتي ڪورونا وائرس  هينئر تائين ناهي پهچي سگهيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي سينيٽ جي ميمبر ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽ جي ميمبر ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے