نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پاڪ فضائيه جو جهاز ڦاٿل زائرين کي کڻي اسڪردو پهتو

پاڪ فضائيه جو جهاز ڦاٿل زائرين کي کڻي اسڪردو پهتو

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فضائيه جي سي ون ٿرٽي جهاز دالبندين کان زائرين کي کڻي اسڪردو پهچي ويو. حڪومت پاڪستان جي هدايت تي پاڪ فضائيه عالمگير وبا ڪووڊ 19 جي خلاف جنگ ۾ امدادي ڪاررواين ۾ سرگرم عمل آهي. ان سلسلي ۾ پاڪ فضائيه جي هڪ سي ون ٿرٽي جهاز بلوچستان جي شهر دالبندين کان زائرين کي کڻي اسڪردو پهچي ويو آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب کي پاڪستان ۽ ايران جي سرحد تي واقع تفتان ۾ عارضي طور تي رکيو ويو هو. ان موقعي تي زائرين حڪومت ڪوششن جو ساراهيو. زائرين خصوصي اڏام ذريعي اسڪردو پهچائڻ تي پاڪ فضائيه جو به ٿورو مڃيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے