نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

رياض: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب جي سرڪاري اخبار(اردو نيوز) موجب سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جيڪو اڄ يعني 23 مارچ کان 12 اپريل تائين جاري رهندو.جڏهن ته ڪرفيو جو ٽائيم شام 7 وڳي کان صبح جو 6 وڳي تائين هوندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سعودي عرب ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 119 متاثر سامهون آيا هئا جنهن کان پوءِ اتي ڪورونا وائرس جي متاثر ماڻهن جو انگ 511 ٿي ويو آهي.سعودي خبرون ڏيندڙ اداري)(ايس پي اي) موجب سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز پنهنجي شاهي فرمان ۾ شهرين ۽ اتي رهندڙ پرڏيهين کي چيو آهي ته هو پنهنجي تحفظ جي خاطر ڪرفيو جي  وقت گهرن ۾ رهن. جڏهن ته سرڪاري ۽ خانگي شغبن جي اهم صنعتن جا اهي ملازم جن جي ڪم ۾ تسلسل آهي. اهي ڪرفيو مان آجا هوندا.جڏهن ته سيڪيورٽي اهلڪار، فوجي، ميڊيا جا ملازم، صحت ۽ خدمتن جي اهم شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن کي به ڪرفيو مان ڇوٽ حاصل آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي سينيٽ جي ميمبر ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽ جي ميمبر ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے