نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پاڪ فوج قومي ڪوششن جو حصو هوندي ، انشاءُ الله وائرس کي شڪست ڏينداسين:آرمي چيف

پاڪ فوج قومي ڪوششن جو حصو هوندي ، انشاءُ الله وائرس کي شڪست ڏينداسين:آرمي چيف

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ جي ايڇ ڪيو ۾ وڊيو لنڪ ذريعي ڪورڪمانڊرز جو خصوصي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول انتظاميا جي مدد بابت تيارين جو جائزو ورتو ويو.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ خصوصي ڪور ڪمانڊرز جو اجلاس جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ وڊيو لنڪ ذريعي ٿيو، جنهن جي واحد ايجنڊا ڪورونا وائرس کان بچاءُ هو.ڪانفرنس ۾ڪور ڪمانڊرز وڊيو لنڪ ذريعي لاڳاپيل ڪور هيڊڪوارٽرز مان شرڪت ڪئي ۽ ان دوران سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سول انتظاميا جي مدد بابت پاڪ فوج جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي مڙني جوانن ۽ ميڊيڪل توڙي وسيلن کي تيار رهڻ ۽ مختصر نوٽيس تي سول انتظاميا جي مدد ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.ڪانفرنس کي خطاب ۾ آرمي چيف جو چوڻ هو هڪ ذميوار ۽ پرعزم قوم کي ڪا به شئي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي، پاڪ فوج انشاءُ الله قومي ڪوششن جو حصو هوندي ۽ مقدس فرض طور قوم جي خدمت ۽ تحفظ جا فرض سرانجام ڏيندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے