نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ هڪ پليٽ فارم تي گڏ آهيون.فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم قائداعظم جي ٻه قومي نظريئي جي  سچائي جو ثبوت آهي.7 مهينن کان وڌيڪ قيد بي گناهه ڪشميري عالمي ضمير کي جاڳائي رهيا آهن. عالمي دنيا ڪشميرين کي انهن جا جائز قانوني ۽ جمهوري حق ڏياري.هن چيو ته وزيراعظم عمران خان هر فورم تي ڪشميرين جي آواز بڻجي اڀريو آهي. پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هن وقت پاڪستان ڪورونا وائرس جهڙي وبا کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان آيل شهبازشريف ڪورونا تي سياست نه ڪري، هن وقت هي مناسب عمل ناهي، ڪورونا تي سياست ڪرڻ جي ضرورت ناهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته حڪومت عوام جي تحفظ لاءِ سنجيده آهي،ضرورت پوڻ تي صوبا آرٽيڪل 245 تحت فوج گهرائي سگهن ٿا، جزوي لاڪ ڊائون جو آپشن صوبن کي ڏنو ويو آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسان اڄ ڪورونا جي ڪري ماڻهن کي پوليس ۽ فورسز ذريعي گهرن م قيد نٿا ڪرڻ چاهيون، ڏنڊي جي زور تي ڪا جنگ نٿي کٽي سگهجي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون سان وفاقي حڪومت متفق ناهي، لاڪ ڊائون ڪرڻ جو هڪ مرحلي وار طريقو آهي. خاص معاون چيو ته لاڪ ڊائون جو مطلب سڪيورٽي فورسز جي ذريعي ماڻهن کي گهرن ۾ قيد ڪرڻ هوندو آهي، صوبن جو اختيار آهي اهي فوج کي گهرائي سگهن ٿا، پر جهڙي ريت سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، اسان ان عمل جي حمايت نٿا ڪري سگهون. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان جي 8 ايئرپورٽس تي سول آرمڊ فورس مقرر ڪيل آهي، پرڏيهه مان ايندڙ اڏامون به معطل ڪيون ويون آهن، ڪورونا کي ڦهلجڻ کان روڪڻ لاءِ حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته 23 مارچ تي پاڪستان جي باني کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ مسلمانن جو قتلام جاري آهي، ان ۾ هندستان جي قيادت نسلي بنيادن تي مسلمانن خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے