نڪور خبرون
Home / سنڌ / سکر ۽ لاڙڪاڻي پهتل زائرين جا 2017 نمونا ورتا ويا،1294 زائرين ڪليئر
TOPSHOT - A health personnel checks the body temperature of a pilgrim returning from Iran via the Pakistan-Iran border town of Taftan on February 29, 2020. - Health officials in Pakistan are screening hundreds of people who had recently arrived from Iran, a major new hotspot for coronavirus, after Islamabad this week confirmed its first two infections. (Photo by STR / AFP)

سکر ۽ لاڙڪاڻي پهتل زائرين جا 2017 نمونا ورتا ويا،1294 زائرين ڪليئر

ڪراچي / سکر / لاڙڪاڻو(مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سکر ۽ لاڙڪاڻي جي 485 شڪي مريضن جا نتيجا پينڊنگ پيل، ايران ويندڙ 22 زائرين رستي مان ئي واپس، ان حوالي سان ڪالهه وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ صحت کاتي جي سيڪريٽري زاهد عباسي ٻڌايو ته ڪراچي سميت ٻين ضلعن مان هن وقت تائين 1230 ماڻهن جي نمونن جي ٽيسٽ جي نتيجي ۾ 98 ڪيس ظاهر ٿي چُڪا آهن، جڏهن ته سکر ۾ ٻن مرحلن دوران ۽ لاڙڪاڻي پهتل زائرين جا مجموعي طور تي 2 هزار 17 نمونا ورتا ويا، جن مان 1294 جي رپورٽ منفي آئي آهي. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته سکر ۾ ٻئي مرحلي ۾ پهتل زائرين مان 402 ۽ لاڙڪاڻي پهتل 83 زائرين جي ٽيسٽ جا نتيجا اڃا تائين پينڊنگ ۾ پيل آهن. اجلاس کي ڪراچي جي ڪمشنر ٻڌايو ته 22 زائرين ايران وڃي رهيا هئا پر ڪورونا وائرس پکڙجڻ سبب نه وڃي سگهيا، اهڙا سمورا زائرين لسٻيلي رستي واپس آيا آهن. وڏي وزير پاران انهن 22 ماڻهن جي اسڪريننگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ صحت جون سهولتون ناهن، عذرا پيچوهو استعيفيٰ ڏئي: خرم شير زمان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ صحت کاتي جي وزير عذرا پيچوهو کي هٽائڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے