نڪور خبرون
Home / شوبز / ڪورونا جو ڊپ: مايا علي پاران گهر جي صفائي ڪرڻ واري وڊيو وائرل

ڪورونا جو ڊپ: مايا علي پاران گهر جي صفائي ڪرڻ واري وڊيو وائرل

ڪراچي (شوبز نيوز)  اداڪاره مايا علي ڪورونا وائرس جي ڊپ کي نظر ۾ رکندي گهر جي صفائي ڪندي وڊيو شيئر ڪئي آهي جڏهن ته ماڻهن کي به گهر کي صاف سٿرو رکڻ جي تلقين ڪئي آهي.سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ موذي موتمار وائرس جي خطري کي نظر ۾ رکندي جتي عوام کي حڪومتي سطح تي رکڻ جي تلقين ڪئي پئي وڃي اتي ئي فنڪار به ذميواري جو مظاهرو ڪندي ماڻهن کي ماسڪ پائڻ، هٿ ڌوئڻ ۽ احتياطن مڻهن کان پري رهڻ جا پيغام ڏيندي نظر اچي رهيا آهن.اداڪاره مايا علي به انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي گهر جي مڪمل طور تي صفائي ڪندي نظر اچي رهي آهي. سوئچ بورڊ، ڏاڪڻن جي ريلنگ ۽ دروازن جي لاڪن سميت گهر جي ان ننڍين ننڍين شين کي به صاف ڪري رهي آهي جن تي عام طور تي ماڻهن جو ڌيان نه ويندو آهي.مايا علي هن وڊيو سان گڏ هڪ پيغام به شيئر ڪيو آهي. هن لکيو آهي ته  اچو ته پنهنجي گهر کان شروعات ڪريون ٿا دروازن جي لاڪ، سوئچ بورڊز ۽ ان سمورين شين کي صاف ڪريو جنهن کي صاف ڪرڻ اسان اڪثر وساري ويهندا آهيون. سڀني کان اهم ڳالهه هٿن کي ڌوئڻ آهي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايان علي جو ڊگهي وقت کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پيغام

ڪراچي(شوبز) پاڪستان فيشن انڊسٽري جي مشهور ماڊل ۽ گلوڪاره ايان علي ڊگهي وقت کان پوءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے