نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ملڪ ۾ 1600 بسترن تي ٻڌل 9 عارضي اسپتالون قائم، چين 800 وينٽيليٽر اماڻي ڇڏيا

ملڪ ۾ 1600 بسترن تي ٻڌل 9 عارضي اسپتالون قائم، چين 800 وينٽيليٽر اماڻي ڇڏيا

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ 1600 بسترن جي ٻڌل 9 عارضي ڪورونا اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن. چيئرمين اين ڊي ايم پي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري ملڪ ۾ 9 اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ هن وقت 1600 بيڊن جي گنجائش موجود آهن. هن ٻڌايو ته 2 اسپتالون ڪراچي ۾ آهن، پنجاب ۾ 3، گوادر ۾ هڪ ، هڪ ڪوئيٽا ۽ 2 اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ اسپتالون آهن، جڏهن ته هڪ اسڪردو، هڪ ڪي پي ۾ آهن. مردان ۾ ٻه ننڍين اسپتالن کي آئيسوليشن ۾ منتقل ڪري رهيا آهيون. گلگت ۾ ڪورونا اسپتالون آهن. هن چيو ته هر اسپتال ۾ هڪ ، هڪ وارڊ ڪورونا لاءِ ٺاهيو ويو آهي، جڏهن ته ننڍين اسپتالن ۾ 5،6 بيڊ ڪورونا مريضن لاءِ آئسوليشن ۾ منتقل ڪيا آهن. چيئرمين اين ڊي ايم اي ٻڌايو ته 800 وينٽيليٽر چين فراهم ڪري ڇڏيا آهن، ملڪ ۾ هن وقت تائين 1700 وينٽيليٽر موجود آهن، هڪ لک پي سي آر ٽيسٽنگ ڪٽون گهرايون پيون وڃن، جڏهن ته پوري دنيا ۾ وينٽيلٽر جي کوٽ آهي، هڪ، هڪ سال سال لاءِ بڪنگ ڪرائي ڇڏي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ صحت جون سهولتون ناهن، عذرا پيچوهو استعيفيٰ ڏئي: خرم شير زمان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ صحت کاتي جي وزير عذرا پيچوهو کي هٽائڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے