نڪور خبرون
Home / پاڪستان / خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي ضمانت منظور، مچلڪا ٽرائل ڪورٽ ۾ جمع

خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي ضمانت منظور، مچلڪا ٽرائل ڪورٽ ۾ جمع

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق جي ضمانت منظور ڪري ورتي.رپورٽ موجب جسٽس مقبول باقر جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان رفيق جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، رانا ثناءُالله ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا.خواجه ڀائرن جي وڪيل امجد پرويز چيو ته نيب چيئرمين گواهه قيصر امين بٽ کي 2 ڀيرا معافي ڏني. پهرين معافي کان پوءِ قيصر امين بٽ ميجسٽريٽ جي سامهون بيان ڏنو. قيصر امين بٽ جو بيان نيب جي مرضي موجب نه هو. نيب چيئرمين بيان پسند نه اچڻ تي معافي واپس وٺي ڇڏي. قيصر بٽ کي ٻئين معافي 5 ڊسمبر 2018 تي ڏني وئي. قيصر بٽ پلي بارگين ڪرڻ چاهيو ٿي پر نيب قيصر بٽ جي پلي بارگين جي درخواست رد ڪري ڇڏي. نيب جو مقصد صرف خواجه ڀائرن جي خلاف ڪيس ٺاهڻو هو. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ 30-30 لک روپين جي مچلڪن عيوض خواجه سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي ضمانت منظور ڪري ورتي.عدالت حڪم ڏنو ته ضمانتي مچلڪا ٽرائل ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا وڃن. جسٽس مقبول باقر چيو ته نيب ۾ يا ته نيب خراب آهي يا انهن ۾ اهليت جي کوٽ آهي. ٻنهي صورتحالن ۾ معاملو انتهائي سنگين آهي. نيب وٽ ضمانت رد ڪرڻ جو ڪوبه بنياد ناهي.نيب زمين جي پلان ۾ ڀڃڪڙي جو الزام ناهي لڳايو. خواجه ڀائرن جي اڪائونٽن ۾ پئسا آيا آهن ته ان ۾ غيرقانوني ڪهڙي ڳالهه آهي هو ته پاڻ اهو مڃي رهيا آهن ته پئسا آيا آهن. جيڪڏهن ڪو غيرقانوني ڪم ٿيو آهي ته نيب اهو ڏيکاري.  واضح رهي ته خواجه سعد رفيق ۽ ان جي ڀاءُ سلمان رفيق کي نيب 11 ڊسمبر 2018 تي گرفتار ڪيو هو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے