نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / ڪرونا وائرس سبب اٽلي ۾ 349 ، ايران 129 ، سڄي دنيا ۾ 7 هزار کان مٿي ٿي ويون

ڪرونا وائرس سبب اٽلي ۾ 349 ، ايران 129 ، سڄي دنيا ۾ 7 هزار کان مٿي ٿي ويون

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگيون  7 هزار کان مٿي ٿي ويون آهن. جڏهن ته وائرس مان متاثرن جو گڏيل انگ 1 لک 77 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي پر مذڪوره موذي مرض مان 67 هزار ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن.چين:جاري ٿيل انگن اکرن موجب دنيا ۾ رپورٽ ٿيندڙ متاثرين مان هن وقت چين ۾ سامهون ايندڙ متاثرن جو انگ وڌي چڪو آهي. چين جي قومي هيلٿ ڪميشن موجب سومر تائين چين ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ 80 هزار 860 آهي پر جوهن ياپڪن يونيورسٽي موجب سڄي دنيا ۾ اهو انگ 87 هزار کان مٿي ٿي چڪو آهي. اهڙي طرح چين ۾ فوتين جو انگ 3200 آهي جڏهن ته سڄي دنيا ۾ گڏيل طور تي اهو انگ چين جي مقابلي ۾ وڌي ويو آهي. اٽلي ۽ اسپين ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اٽلي ۾ 3000 ۽ اسپين ۾ 1000 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اٽلي ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن جي اندر 349 فوتگين جي تصديق ٿيڻ کان پوءِ گڏيل انگ 2158 ٿي چڪو آهي. جڏهن ته متاثرن جو گڏيل انگ 27 هزار 980 ٿي ويو آهي.اسپين ۾ 9 ڄڻا فوت ٿيڻ کان پوءِ ڪورونا سبب فوتين جو گڏيل انگ 297 ٿي ويو آهي ۽ متاثرن جو انگ 8774 ٿي ويو آهي.ايران:انگن اکرن جي اعتبار سان ايران ڪورونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ٽيون وڏو ملڪ بڻجي چڪو آهي. برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ايران ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب 129 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ گڏيل انگ 853 ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ هزار نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 14 هزار 99 ٿي ويو آهي. هوڏانهن ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن اهم قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. فرانس اڱاري تي روس اربع تي پنهنجون سرحدون بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.يورپ ۾ پرتگال ۽ اسپين به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڏامون ۽ ٽرين سروس معطل ڪري ڇڏي آهي ۽ سرحدون به بند ڪري ڇڏيون آهن. ڪيترن ئي ملڪن ۾ هوائي ۽ ٽرين سروس معطل آهي پرڏيهين جي داخلا تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.جڏهن ته نيو جرسي ۾ به ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.  هوڏانهن سعودي عرب ۾ به سرڪاري آفيسون بند ڪيون ويون آهن ۽ ملازمن کي گهر ۾ ويهي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستاني امن دستا دنيا جي ڏکين ۽ شروش زده علائقن ۾ انسانيت جي خدمت جاري رکيو پيا اچن: آرمي چيف

راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه چيو آهي ته عالمي امن لاءِ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے