نڪور خبرون
Home / سنڌ / وفاقي سرڪار سوڌو ٻين صوبائي حڪومتن کي سنڌ سرڪار کان سکڻ گهرجي: بلاول ڀٽو

وفاقي سرڪار سوڌو ٻين صوبائي حڪومتن کي سنڌ سرڪار کان سکڻ گهرجي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسيءَ تقريب ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي وزيراعظم کان سنڌ جي وڏي وزير جي سفارشن کي فوري منظور ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ اعلان ڪيو ته ڪورونا وائرس جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسيءَ تقريب ملتوي ڪئي وئي آهي. هُن چيو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي سموري ملڪ ۾ ريليز روڪڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ بلاول ڀٽو مطالبو ڪيو ته وزيراعظم عمران خان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي سفارشن کي فوري طور منظور ڪري. بلاول ڀٽو ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جي قدمن جي تعريف ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار سوڌو ٻين صوبائي حڪومتن کي سنڌ سرڪار کان سکڻ گهرجي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے