نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڀلي ڇا به ٿئي، بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌيڪ وڌڻ نه ڏينداسين پر گهٽ ڪنداسين: عمران خان

ڀلي ڇا به ٿئي، بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌيڪ وڌڻ نه ڏينداسين پر گهٽ ڪنداسين: عمران خان

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀلي ڇا به ٿئي، بجلي ۽ گئس جا اگهه وڌيڪ وڌڻ نه ڏينداسين پر گهٽ ڪنداسين. پشاور ۾ انڊر 21 گيمز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مقابلن سان نوجوانن جو ٽئلينٽ اڀري سامهون ايندو، راندين سان انسان صحتمند رهندو آهي ۽ راند توهان کي زندگي ۾ مقابلو ڪرڻ سيکاريندي آهي، چيمپيئن اهو هوندو آهي جيڪو هارائڻ جي خوف بدران سکندو آهي. هن چيو ته مان جيڪڏهن راند نه کيڏان ها ته 22 سال سياست ۾ مقابلو نه ڪيان ها ۽ گهڻو وقت اڳ ۾ همت هارائي ويهان ها، جيڪڏهن ڏکئي وقت ۾ مقابلو ڪرڻ نه سکان ها ته هيءَ جيڪا حڪومت ملي آهي، ڏيڍ سال ۾ هٿ مٿي ڪري گهر هليو وڃان ها، زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، انساني ڪِرڻ کانپوءِ بيهندو آهي ته اڳ کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي، اهڙي ريت جڏهن قوم ڏکئي وقت جو مقابلو ڪندي آهي ته مضبوط ٿي ويندي آهي، توهان ان قوم جو حصو آهيو، جنهن کي دنيا جي عظيم ترين قوم بڻجڻو آهي. هوڏانهن مهمند ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا ۾ مثال بڻجڻو هو ۽ اهو مثال مديني جي رياست جو اصول هو، اسان جو احساس پروگرام مديني جي ماڊل تي آهي، جيڪي ماڻهو زندگي جي گوءِ ۾ پوئتي رهجي ويا، رياست انهن جي ذميوار آهي، قبيلائي عوام ٻين پاڪستانين کان پوئتي رهجي ويو، هتي غربت ۽ بيروزگاري آهي، هاڻ کين ترقي ڏيڻ جو موقعو مليو آهي. هن مهمند ۾ زيتون جا باغ لڳائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اسان جا قبيلائي علائقا زيتون لاءِ بهترين آهن، اسان هتي زيتون جا باغ لڳائينداسين، جنهن سان اسان کي ٻاهران تيل گهرائڻ جي ضرورت نه پوندي، ان سان غريب هاري جي زندگي تبديل ٿي ويندي، ڪفالت جو پروگرام ٻه هزار رپيا ماهوار مهمندکان شروع ڪري رهيا آهيون، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حقدار شاگردن کي 50 هزار اسڪالر شپ ڏينداسين ۽ مهمند جي اڍائي هزار نوجوانن اسڪالر شپ لاءِ درخواست ڏني آهي، جن کي اڳ ۾ موقعو ڏينداسين. ان موقعي تي وزيراعظم مهمند لاءِ ٿري جي ۽ فور جي سروس جو به اعلان ڪيو ۽ ان جي ذميواري مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد کي ڏني. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان وٽ جنهن قيمت تي بجلي ٺهي رهي آهي، اها ڏاڍي مهانگي آهي، اسان ان قيمت تي بجلي نٿا کپائي سگهون، اسان جي حڪومت آئي ته تاريخي گردشي قرض هئا، تنهن ڪري مجبوري ۾ قيمتون وڌايون، اسان قيمتون وڌائينديون آهيون ته ماڻهن تي بار پوندو آهي، تنهن ڪري اسان هيٺئين طبقي لاءِ قيمتون نه وڌايون، اسان قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون پر فيصلو ڪيو آهي ته هاڻ بجلي جو اگهه نه وڌندو، اسان جا ماڻهو هاڻ بار برداشت نٿا ڪري سگهن، هر اهو ڪم ڪنداسين، جنهن سان بجلي جو اگهه گهٽجي، بجلي ٺاهيندڙ ڪمپنين سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. عمران خان موجب گذريل حڪومت گئس جو 15 سالن جو معاهدو ڪيو آهي ۽ جيتري قيمت تي معاهدو ٿيو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ 30 سيڪڙو دنيا ۾ گئس خريد ڪري سگهجي پر اسان نٿا خريد ڪري سگهون، ان باوجود ڪجهه به ٿئي گئس ۽ بجلي جون قيمتون نه وڌائينداسين پر گهٽ ڪنداسين. هن چيو ته دنيا جو ڪو ملڪ ان ڪري غريب ناهي هوندو ته ان وٽ وسيلا ناهن پر ملڪ غريب تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن حڪمران ڦرلٽ ڪندا آهن ۽ پئسو چوري ڪري ٻاهر ويندا آهن، عوام ڪڏهن ان پارٽي کي ووٽ نه ڏئي، جنهن جو سربراهه ملڪ کان ٻاهر وڏن محلن ۾ هجي، توهان تماشو ڏٺو آهي، سڄو ٽولو ٻاهر آهي، اسان ڇا کان ڊڄي رهيا آهن، جڏهن پاناما تي هٿ وڌو ويو ته مون تي انتقامي ڪارروائي شروع ٿي پر مان ٻاهر ڀڄڻ بدران 40-40 سال پراڻا ڪاغذ عدالت ۾ جمع ڪرايا، جيڪو انساني چوري ناهي ڪندو، ان کي لنڊن ڀڄڻ جي ضرورت ناهي پوندي. وزيراعظم چيو ته ڳڻتي نه ڪيو، ڏکئي وقت مان گذري ويا آهيون، 2019 سڀ کان ڏکيو وقت هو، هاڻ سٺو وقت ايندو، مهانگائي تي ضابطو آڻينداسين، اٽي ۽ کنڊ بحران ۾ جن ماڻهن ذخيرو ڪري پئسو ٺاهيو، انهن کي نه ڇڏيندس، رپورٽ اچڻ واري آهي، سڀني کي سزا ملندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے