نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڊي آءِ خان ۾ فورسز جي آپريشن ۾2 دهشتگرد مارجي ويا، پاڪ فوج جو ڪرنل شهيد

ڊي آءِ خان ۾ فورسز جي آپريشن ۾2 دهشتگرد مارجي ويا، پاڪ فوج جو ڪرنل شهيد

ڊي آءِ خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي ناڪام بڻائيندي آپريشن دوران ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو ڪرنل مجيب الرحمان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب دهشتگردي ڪارروائي جي رٿابندي بابت ڳجهي ڄاڻ تي سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٽانڪ ڀرسان دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب جيئن ئي سيڪيورٽي فورسز علائقي جو گهيرو ڪيو ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني ۽ جوابي ڪارروائي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته مقابلي ۾ پاڪ فوج جو ڪرنل مجيب الرحمان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن دوران دهشتگردن جي پناهه گاهه تان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪرنل مجيب الرحمان جو واسطو ضلعي استور جي علائقي بنجي سان هو ۽ هن سوڳوارن ۾ بيواهه، 3 پٽ ۽ هڪ نياڻي ڇڏي آهي. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان دهشتگردن خلاف آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ ڪرنل مجيب الرحمان کي خراج پيش ڪيو آهي. هوڏانهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردن خلاف آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ ڪرنل مجيب الرحمان کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي آهي صدر پنهنجي بيان ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم متحد آهي هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وڏيون قربانيون ڏئي دهشتگردي کي ختم ڪيو آهي هن شهيد ڪرنل مجيب الرحمان جي حوصلي جي ساراهه ڪئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے