نڪور خبرون
Home / پاڪستان / سينيٽ ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي کي روڪڻ لاءِ زينب الرٽ بِل اڪثريت راءِ سان منظور

سينيٽ ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي کي روڪڻ لاءِ زينب الرٽ بِل اڪثريت راءِ سان منظور

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ ۾ ٻارن سان جنسي زيادتي کي روڪڻ لاءِ زينب الرٽ بِل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي. نواز ليگ ۽ جماعت اسلامي طرفان بِل جي مخالفت ڪئي وئي. چيئرمين صادق سنجراڻيءَ جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اجلاس دوران زينب الرٽ بل 2020ع پيش ڪيو ويو. اُن موقعي تي چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ملڪ ۾ 3 هزار 700 کان وڌيڪ ٻارڙين سان جنسي زيادتي ٿي آهي، توهان جي ۽ اسان جي گهرن ۾ به ٻارڙا آهن، بِل جي سيڪشن 15 ۾ قلم 201 ۽ قلم 302 به شامل ڪيا وڃن، ٻارن کي زيادتي سان گڏ قتل به ڪيو ويندو آهي، تنهن ڪري موت جي سزا ختم ڪري عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ غلط قدم آهي. رولز آهن ته ٻن ڏينهن ۾ ضابطن ۾ ترميم ڪري پيش ڪريو، منظور ڪرائي وٺنداسين. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته هي بيل پيش ٿيو، اُن کانپوءِ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو، سڄي قوم هن بل ڏانهن ڏسي رهي آهي، هي بل پيش ڪريو، باقي گهٽ وڌائي کي ختم ڪري وٺنداسين. سينيٽر جاويد عباسي چيو ته رولز جي ڳالهه ڪجي ته تعليم وارو وزير غلط ڳالهه ڪري رهيو آهي، کيس چئو ته رولز پڙهي ايندو ڪري. سينيٽر مصطفيٰ نواز چيو ته هن بِل تي 8 اجلاس طلب ڪيا ويا، شبلي فراز به ڪميٽي جي هر اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، هي بل مليو ته اُن ۾ تبديليون ڪيون ويون. هن وقت ملڪ ۾ جيڪو قانون لاڳو ٿيل آهي، اُن موجب ٻار گم ٿئي ته پوليس اُن جو ڪيس داخل ناهي ڪندي، ڪيس داخل ناهي ٿيندو ته قانون به حرڪت ۾ نه ايندو آهي. تنهن ڪري پوليس کي اهڙا ڪيس التوا ۾ رکڻ جو موقعو ملي ويندو آهي. سينيٽر مصطفيٰ نواز چيو ته فرشته ڪيس جو مثال اسان جي اڳيان آهي، جنهن ۾ ڪيس داخل ٿيڻ باوجود سندس والد کان صفايون ورتيون ويون. اسان ٻن ڪلاڪن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. جيڪڏهن ڪو پوليس وارو ڪيس داخل نه ڪري ته اُن کي 2 سال قيد جي سزا ۽ هڪ لک رُپيا ڏنڊ لڳايو ويندو. سينيٽ اعظم سواتي ايوان ۾ زينب الرٽ بل 2020ع پيش ڪيو، جڏهن ته اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيل بل جي اپوزيشن ميمبرز ٻيهر مخالفت ڪري ڇڏي. جماعت اسلامي ۽ نواز ليگ طرفان بل جي مخالفت ڪئي وئي آهي. سينيٽر جاويد عباسي چيو ته هن بل جي حوالي سان کين ڪجهه خدشا آهن، بل پيش ڪرڻ وقت انساني حقن واري کاتي جي وزير موجود نه آهي. سينيٽر مشتاق احمد چيو ته دٻاءُ ذريعي قصاص کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. زينب الرٽ بل ۾ خاميون آهن. تنهن ڪري هو بِل لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ گهرن ٿا. سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اهڙن وحسين کي اونڌو ٽنگڻ سان گڏ ڦاهي ڏيڻ گهرجي، ترميمون اينديون رهنديون، پر هن وقت بل کي منظور ڪرائڻ انٽر آهي، هر جاءِ تي وچ ۾ ارڙهين ترميم اچي ويندي آهي. سينيٽر مولوي فيض محمد چيو ته هي قصاص جو معاملو آهي، ڪير ڪنهن کي قتل ڪري ته شريعت ۾ اُن لاءِ قصاص مجود آهي، تنهن ڪري ريپ ۽ قتل جي سزا ۾ قصاص کي شامل ڪيو وڃي. اُن کانپوءِ سينيٽ بِل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے