نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پاڪستان ۾ پوليو جو مڪمل خاتمو حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي: پرڏيهي وزير

پاڪستان ۾ پوليو جو مڪمل خاتمو حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۾ پوليو جو مڪمل خاتموحڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي رهي آهي، اهڙو اظهار هن پاڪستان بابت صحت جي عالمي اداري جي نمائنده ڊاڪٽر پليٿا سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن اربع ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ شاه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي. ان کان اڳ ڊاڪٽر پليٿا پرڏيهي وزير کي پنهنجي سفارتي سند پيش ڪئي. ڊبليو ايڇ او جي نمائنده چيو ته صحت وارو عالمي ادارو پوليو جي خاتمي جي سلسلي ۾ پاڪستان حڪومت سان پنهنجي سهڪار ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جومڪمل خاتمو حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي. پاڪستان حڪومت ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. ان سلسلي ۾هوائي اڏن تي ٿرمل اسڪينرن سان اسڪيننگ ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ صحت بابت معاون ٽيڪنالاجي تائين رسائي ۾ بهتري جي سلسلي ۾ حڪومتي قدمن کان به اگاهه ڪيوپرڏيهي وزير شاه محمود قريشي سان پاڪستان ۾ مقرر يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪمنارا اربع ڏينهن هتي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان۽ يورپي يونين وچ ۾ واپاري ۽ سياسي سهڪار جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير والاريل ڪشمير  ۾ ڀارتي فوج جي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير کيس ڀارت ۾ ڀارتيه جنتا پارٽي جي حڪومت طرفان منظور ڪيل شهريت بابت ترميمي قانون جي باري ۾ به آگاهه ڪيو.يورپي يونين جي سفير فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي ايڪشن پلان بابت پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. ان سلسلي ۾ هن يورپي يونين طرفان پاڪستان کي فني سهولتن جي فراهمي جو به يقين ڏياريو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے