نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ اڃا تائين ڪا ويڪسين تيار ناهي ڪئي وئي: صحت جو عالمي ادارو

ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ اڃا تائين ڪا ويڪسين تيار ناهي ڪئي وئي: صحت جو عالمي ادارو

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او ڪورونا وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ حفاظتي طبي اوزارن جي عالمي سطح تي کوٽ ۽ قيمتن ۾ واڌ بابت خبردار ڪيو آهي. برطانوي خابرو اداري مطابق صحت جي عالمي اداري ڪمپنين ۽ حڪومتن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته اهي ڪورونا وائرس سبب وڌندڙ فوتگين کي نظر ۾ رکندي حفاظتي طبي اوزارن جي پيداوار 40 سيڪڙو تائين وڌائين. صحت جي عالمي اداري جي سربراهه ٽيڊ روس گيبريس چيو ته ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ اڃا تائين ڪا به ويڪسين تيار ناهي ڪئي وئي. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي بيماري پکڙجڻ بعد سرجيڪل ماسڪ جون قيمتون ڇهوڻ تي وڌي ويون آهن. جڏهن ته ساهه کڻڻ ۾ مدد ڏيندڙ اوزارن جي قيمت پڻ ٽيڻ مهانگائي ۽ حفاظتي گائونز جون قيمتون ٻيڻيون ٿي ويون آهن. صحت واري عالمي اداري جي انگن اکرن مطابق ڊاڪٽرن کي هڪ مهيني ۾ 79 ملين ماسڪ، 76 ملين دستانا ۽ 1.6 ملين چشمن جي ضرورت هوندي

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے