نڪور خبرون
Home / شوبز / ايان علي جو ڊگهي وقت کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پيغام

ايان علي جو ڊگهي وقت کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پيغام

ڪراچي(شوبز) پاڪستان فيشن انڊسٽري جي مشهور ماڊل ۽ گلوڪاره ايان علي ڊگهي وقت کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ذريعي مداحن کي پيغام ڏئي ڇڏيو.ايان علي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ سان گڏوگڏ ٽوئٽر اڪائونٽ تي به اهو پيغام جاري ڪيو. ماڊل پنهنجي پيغام ۾ لکيو مون کي اميد آهي ته اوهان سڀ خيريت سان هوندو. ان سان گڏ ئي ايان علي پنهنجن چاهيندڙن کي ٻڌايو ته مون کي فخر آهي ته منهنجو گيت(ارتهه ڪونڪ) جيڪو مون 5 سال اڳ رليز ڪيو هو ان کي اڃان تائين ماڻهو ٻڌي رهيا آهن.ايان علي وڌيڪ لکيو آهي ته مون کي تمام سٺو لڳندو آهي جڏهن اوهان سڀني طرفان مون کي تمام گهڻو پيار ملندو آهي.ماڊل ايان علي پنهنجي ڪم جي حوالي سان مداحن کي ٻڌايو ته تمام گهڻو ڪجهه آهي جنهن تي مان ڪم ڪري رهي آهيان ۽ انشاءَالله جلد اوهان جي سامهون هوندس.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جو ڊپ: مايا علي پاران گهر جي صفائي ڪرڻ واري وڊيو وائرل

ڪراچي (شوبز نيوز)  اداڪاره مايا علي ڪورونا وائرس جي ڊپ کي نظر ۾ رکندي گهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے