نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / ڪورونا وائرس جي بدترين وبا جي صورت ۾ 5 لک برطانوي شهري فوت ٿي سگهن ٿا

ڪورونا وائرس جي بدترين وبا جي صورت ۾ 5 لک برطانوي شهري فوت ٿي سگهن ٿا

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  برطانيه جي صحت واري وزير ميٽ بنڪاڪ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي بدترين وبا جي صورت ۾ 5 لک برطانوي شهري فوت ٿي سگهن ٿا. هڪ بيان ۾ برطانوي صحت کاتي جي وزير چيو آهي ته ڪورونا وائرس وبا جي صورت اختيار ڪرڻ تي شهر بند ڪري سگهون ٿا. هن وڌيڪ چيو آهي ته اقتصادي ۽ سماجي نقصان پنهنجي جڳهه تي آهي پر وقت کان اڳ ڪوبه قدم نه کنيو ويندو. ميٽ بنڪاڪ اهو به چيو ته منصوبه بندي ڪري رهيا آهيو ته اميد آهي ته ڪورونا وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪامياب وينداسين.هوڏانهن ڪورونا وائرس کان بچاءُ ۽ احتياطي تدبيرن جي لاءِ برطانوي وزيراعظم بورس جانسن اڄ اهم اعلان ڪندو. برطانوي ميڊيا موجب وزيراعظم بورس جانسن طرفان عوام کي حالت جنگ جيان تيار رهڻ جي هدايت ڏيڻ جو امڪان آهي. ميڊيا رپورٽ موجب برطانوي وزيراعظم عوام کي ٻڌائيندو ته ڪورونا وائرس مان  هر شخص جي زندگي متاثر ٿي سگهي ٿي. بورس جانسن طرفان ڪورونا وائرس جي وبا پکڙجڻ جي صورت ۾ عوام کي هڪ ٻئي سان ملڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ گهر  ۾ ڪم ڪرڻ جو چئي سگهجي ٿو.برطانوي وزيراعظم بورس جانسن پهريان ئي اعتراف ڪري چڪو آهي ته ڪورونا وائرس برطانيه جي وڌيڪ علائقن ۾ پکڙجڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي برطانوي ايئر لائن ٽرانس ايٽلانٽڪ اڏامن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ سان آمريڪا ۽ يورپ ۾ ايوي ايشن انڊسٽري متاثر ٿيڻ لڳي آهي ۽ مسافرن جي انگ ۾ به گهٽتائي آئي آهي.  برطانوي ايئر لائن آمريڪا جي لاءِ اڏمن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. برطانوي ايئر لائن آمريڪا جي لاءِ اڏامن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.برطانوي ايئر لائين يورپ جي لاءِ به سوين اڏامون ختم ڪري ڇڏيون آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ صحت جون سهولتون ناهن، عذرا پيچوهو استعيفيٰ ڏئي: خرم شير زمان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ صحت کاتي جي وزير عذرا پيچوهو کي هٽائڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے