نڪور خبرون
Home / پاڪستان / آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 25 مارچ جي تاريخ مقرر

آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 25 مارچ جي تاريخ مقرر

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس جي پارڪ لين ريفرنس ۾ آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 25 مارچ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.عدالت اڳوڻي صدر جي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست به منظور ڪري ورتي. تفصيل موجب احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس ڪي ۾ ميگامني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. فريال ٽالپر عدالت ۾ پيش ٿي جڏهن ته آصف زرداري حاضَري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪرائي.آصف زرداري پنهنجي وڪيل جي ذريعي هڪ ڏڌينهن جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي. عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري کي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ آصف زرداري تي فرد جرم لاءِ 25 مارچ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.عدالت چيو ته 25 مارچ تي سمورا جوابدار حاضر ٿين. فرد جرم لاڳو ڪنداسين. عدالت  ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۽ پارڪ لين ريفرنس جي ٻڌني 25 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے