نڪور خبرون
Home / پاڪستان / نيب پاران شهباز شريف کي حاضري کان ڇوٽ وارو فيصلو چيلنج ڪري ڇڏيو

نيب پاران شهباز شريف کي حاضري کان ڇوٽ وارو فيصلو چيلنج ڪري ڇڏيو

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو(نيب) مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي حاضري کان مستقل ڇوٽ جي عدالتي فيصلي کي چيلنج ڪري ڇڏيو.لاهور جي احتساب عدالت ۾ 17 جنوري تي چوڌري شوگرملز ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ان دوران عدالت آشيانه ۽ رمضان شوگز ملز ڪيس ۾ شهباز شريف جي مستقل حاضري کان معافي واري درخواست منظور ڪئي. نيب احتساب عدالت جي ان فيصلي جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾  درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.نيب پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته شهباز شريف جي خلاف احتساب عدالت ۾ آشيانه اقبال ريفرنس ۽ رمضان شوگرمل ريفرنس ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ هو مرڪزي جوابدار آهي. نيب استدعا ڪئي آهي ته ٽرائل ڪورٽ قانون جي ابتڙ مستقل حاضري کان معافي جي درخواست منظور ڪئي وئي ان ڪري ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.واضح رهي ته مسلم ليگ(ن) جو صدر شهباز شريف پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان گڏ لنڊن روانو ٿيو هو ۽ تڏهن کان ئي هو لنڊن ۾ ترسيل آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے