نڪور خبرون
Home / پاڪستان / پي ٽي آءِ جي ٽن اسيمبلي ميمبرن جي نااهلي جي لاءِ داخل ڪيل درخواستون رد

پي ٽي آءِ جي ٽن اسيمبلي ميمبرن جي نااهلي جي لاءِ داخل ڪيل درخواستون رد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٽن اسيمبلي ميمبرن جي نااهلي جي لاءِ داخل ڪيل درخواستون رد ڪيون ويون.مسلم ليگ(ن) جي ايم اين اي طاهره بخاري ۽ شائسته پرويز پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبر ڪنول شوذب، ملائيڪه بخاري ۽ تاشفين صفدر جي نااهلي جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون هيون.ليگي اڳواڻن طرفان داخل ڪيل درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته ڪنول شوزب اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪرايل نامزدگي واري ڪاغذن ۾ غلط بيان ڪئي آهي جڏهن ته ملائيڪه بخاري ۽ تاشفين صفدر جي ٻٽي شهريت تي نااهلي جي استدعا ڪئي وئي هئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق درخواستن تي ٻڌڻي کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي ليگي اڳواڻن جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.  عدالت پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن ڪنول شوزب، تاشفين صفدر ۽ ملائڪه بخاري کي اهل قرار ڏئي ڇڏيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے