نڪور خبرون
Home / پاڪستان / وفاقي ڪابينا جو اجلاس، بجلي جي بلن بابت عمر ايوب تي تنقيد

وفاقي ڪابينا جو اجلاس، بجلي جي بلن بابت عمر ايوب تي تنقيد

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ بجلي جي بلن تي وزير ڪڙڪي پيا، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته بلن بابت پاليسي اميرن جي لاءِ بڻائي وئي آهي. اسلام آباد ۾ وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، ان موقعي تي ڪابينا کي بجلي جي بلن بابت بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ بجلي جي بلن تي وزير مڇرجي پيا ۽ سمورن وزيرن توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب تي ڇتي تنقيد ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن بجلي جي قيمتن جي حوالي سان عمر ايوب جي پاليسي جي سخت تنقيد ڪئي جڏهن ته مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد ته هن کي چنڊ پٽي. مراد سعيد جو چوڻ هو ته بجلي جي بلن بابت پاليسي اميرن جي لاءِ بڻائي وئي آهي. ذريعن ٻڌايو ته وزيرن جي تنقيد کان پوءِ وزير اعظم عمران خان عمر ايوب خان کي بجلي جي بل جي حوالي سان موثر پاليسي بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے