نڪور خبرون
Home / پاڪستان / عالمي برادري کي ڀارت جي انتهاپسندي واري سوچ کان خبردار ڪريان ٿو عمران خان

عالمي برادري کي ڀارت جي انتهاپسندي واري سوچ کان خبردار ڪريان ٿو عمران خان

اسلام آباد(م ڊ) وزير اعظم عمران خان ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ ٿيل تازن هندو مسلم فسادن تي عالمي برادري کي خبردار ڪري ڇڏيو. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ وزير اعظم عمران خان ڀارتي راڄڌاني دهلي ۾ ٿيل تازن هندو مسلم فسادن جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون. وزير اعظم چيو ته آئون اڳڪٿي ڪري رهيو آهيان ته عالمي برادري جي مداخلت تائين ان قسم جا واقعا نه رڳو خطي پر دنيا جي لاءِ انتهائي خطرناڪ هوندا. وزير اعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته دهلي ۾ مسلمانن جي قتل عام، پوليس ۽ آر ايس ايس گينگز جي ذريعي رياستي دهشتگردي ڀارت ۾ 200 ملين مسلمانن کي بنياد پرست بڻائي سگهي ٿي. عمران خان جو چوڻ هو ته جهڙي طرح هڪ لک ڪشميرين جي موت ۽ قابض ڀارتي فوج جي ظلم ۽ جبر سان ڪشميري نوجوان بنيادپررست ٿي چڪا آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے