نڪور خبرون
Home / پاڪستان / وزير شاهه محمود قريشي سان زلمي خليل زاد جي دوحا ۾ ملاقات

وزير شاهه محمود قريشي سان زلمي خليل زاد جي دوحا ۾ ملاقات

دوحا(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد ملاقات ڪئي ۽ افغان امن معاهدي جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو. آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل طويل جنگ جي خاتمي جي لاءِ تاريخي امن معاهدو اڄ قطر ۾ ٿي رهيو آهي. دوحا معاهدي جي تحت افغانستان مان آمريڪي فوج جي نيڪالي ٿيندي جڏهن ته ان جي جواب ۾ طالبان کي ضمانت ڏيڻي آهي ته افغان سر زمين القاعده سميت دهشتگردي تنظيمن جي استعمال هيٺ نه اچڻ ڏينداسين. تقريب ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت 50 ملڪن جا نمائندا شريڪ ٿيندا. شاهه محمود قريشي هن وقت دوحا ۾ موجود آهي جتي هن سان آمريڪي خاص نمائندي زلمي خليل زاد ملاقات ڪئي ۽ افغان امن معاهدي جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اڄوڪي امن معاهدي کان پوءِ پاڪستان انٽرا افغان ڳالهين جي اميد رکي ٿو ۽ پاڪستان اتي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششون جاري رکندو. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان جي نئين سر اڏاوت ۽ بحالي جي لاءِ عالمي برادري جي مدد جي ضرورت هوندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے