نڪور خبرون
Home / پاڪستان / شيخ رشيد روهڙي ۾ ٿيل ٽرين ۽ بس جي ٽڪر جو ذميوار بس ڊرائيور کي قرار ڏئي ڇڏيو

شيخ رشيد روهڙي ۾ ٿيل ٽرين ۽ بس جي ٽڪر جو ذميوار بس ڊرائيور کي قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور(م ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد روهڙي ۾ ٿيل ٽرين ۽ بس جي ٽڪر جو ذميوار بس ڊرائيور کي قرار ڏئي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته فلاءِ اوور تي رش هئڻ سبب ڊرائيور بس نان ٽريفڪنگ ۽ اهڙي ريلوي ڦاٽڪ تان گذارڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جو انتظام سنڀالڻ جي لاءِ ڪو به ذميوار موجود نه هو ان ڪري اِهو حادثو پيش آيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو ته جن ڪراسنگز تي ڪو ذميوار موجود ناهي هوندو اُتي ڦاٽڪ صوبائي حڪومت کي بنائڻ هوندا آهن ان ڪري صوبائي حڪومتون اسان کي فنڊ فراهم ڪن جيئن اسان اِهو ڦاٽڪ مڪمل ڪيون. سندس چوڻ هو ته پشاور ۽ ڪراچي جي وچ ۾ هن وقت 3 هزار کان وڌيڪ ريلوي ڪراسنگز موجود آهن.هن ٻڌايو ته 10 مئي تي ايم ايل ون منصوبي تي صحيح ٿيندي جنهن کان پوءِ سمورا ريلوي ڪراسنگز ختم ٿي ويندا ان جي جاءِ تي مٿانهين يا زمين هيٺ گذرگاهون بڻايون وينديون. هن ٻڌايو ته هلندڙ سال 30 جون کان اڳ 5 نيون مال بردار ٽرينون هلايون وينديون ۽ پوري ڪوشش آهي ته ان مان روينيو گڏ ڪيو وڃي. هن چيو ته منهنجو واعدو آهي ته 5 سالن ۾ ريلوي منافعو بخش اداري بڻجي ويندو جنهن جي لاءِ حيات ريجنسي سميت ريلوي جي ايراضي وڪرو ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته 9 مارچ کان 15هين روزي تائين اي سي بزنس ۽ اي سي اسٽينڊرڊ جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو جڏهن ته ٻطرفي ٽڪيٽ وٺڻ جي صورت ۾ 25 گهٽتائي لاڳو هوندي آهي، ريلوي جي نجڪاري جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته ان جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ريلوي واري وزير وڌيڪ چيو ته 60 ڏينهن ڏاڍا اهم آهن ان ۾ ڪجهه عهدن تي ترقيون سان گڏ ريلوي ۾ تبديليون آڻيون وينديون. هن ٻڌايو ته ايران سان 4 ٽرينون هلايون وينديون آهن جيڪي ڪورونا وائرس جي ڪري سرحد بند ٿيڻ جي ڪري في الحال بند آهن جڏهن ته سرحد کلندي ته آپريشن بحال ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ ته هو ته ذوالفقار علي ڀٽو به سليڪٽڊ وزير اعظم هو جنهن کي اختلاف هجي اُهو مون سان ڪنهن به چينل تي اچي ڳالهائي. هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو کي ذوالفقار علي ڀٽو بڻايو نه ته اڄ پيپلز پارٽي جي سياست مختلف هجي ها ان ڪري آئون چوان ٿو ته ڪيترائي ماڻهو جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر 4 جي پيداوار آهن. سندس چوڻ هو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه هڪ بهترين انسان، منهنجو ڪاليج فيلو ۽ منهنجو ووٽر آهي، ڪيترائي جنرل منهنجي تڪ جا ووٽر آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے