نڪور خبرون
Home / سنڌ / اتحادين حڪومت خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن: مراد علي شاهه

اتحادين حڪومت خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن: مراد علي شاهه

حيدرآباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ترقياتي منصوبن جي پلاننگ ڪئي آهي پر فنڊز مختص نه ڪري سگهياسين ، هن چيو ته وفاقي حڪومت کان 140 ارب رپيا گهٽ مليا آهن انڪري سيوهڻ سميت سڄي سنڌ جي ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊن جي کوٽ سبب مسئلا درپيش آهن، هو گذريل ڏينهن پنهنجي اباڻي علائقي سيوهڻ جي ٽن ڏينهن واري دوري دوران سيوهڻ لڳ ٽنڊو شهباز ۾ ايڊووڪيٽ رفيق احمد ڏاهري جي چانهه پارٽي ۽ جهانگارا باجارا سيوهڻ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائي رهيو هو، هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته منڇر ڍنڍ جي بحالي لاءِ ماحولياتي ماهرن کي رٿابندي ڪرڻ لاءِ چيو آهي، هڪ سوال جي جواب  ۾ هن چيو ته ڪڻڪ جي خريداري لاءِ  هن مهل تائين اگهه مقرر نه ڪياويا آهن ۽ ڪڻڪ جي خريداري لاءِ حڪومت کي سبسڊي ڏيڻي پوي ٿي _هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اتحادين حڪومت خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن ڪڏهن ايم ڪيو ايم ته ڪڏهن ق ليگ ڪاوڙجو وڃي ٿي ۽ حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو پاڻ چئي رهيا آهن ته حڪومت پنهنجي مدت پوري نه ڪندي، هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته جيڪي عوام جي خدمت ڪن ٿا انهن لاءِ هڪ هڪ منٽ به اهم آهي ۽ اها حڪومت اها حڪومت آهي جنهن چيو هو ته اسين خودڪشي ڪري ڇڏينداسين ۽ اهو به چيو هو ته جيڪڏهن مهانگائي وڌي ٿي ته سمجهيو وڃي ته حڪمران چور آهن _ هن چيو ته اهي پنهنجي هر ڳالهه کان ڦري وڃن ٿا ۽ خبر نه آهي ته ڪيترا ڀيرا سنڌ حڪومت ختم ڪري چڪا آهن انڪري عوام ۽ ميڊياکي گهرجي ته انهن جي ڳالهائين تي ڌيان نه ڏين ۽ اسان کي عوام جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي _ هن چيو ته پي پي پي  بلاول ڀٽو جي رهنمائي ۾ گهڻو ڪم ڪري رهي آهي _ هن چيو ته سنڌ جي عوام هميشه پي پي پي تي اعتماد ڪيو آهي ۽ ووٽ ڏنو آهي جڏهن ته 2018 جي چونڊن ۾ اسانکي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ووٽ مليا آهن _ آئي جي سنڌ پوليس جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته موجوده آئي جي تڪراري آهي ۽ سنڌ ڪابينا اتفاق راءِ سان ان کي هٽائڻ جي منظور ڏني هئي جڏهن ته وزير اعظم به اها ڳالهه چئي هئي ۽ اسان وفاق کي ان سلسلي ۾ نالا به ڏنا هئا –  هن وڌيڪ چيو ته مونکي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ٻين صوبن ۾ 24 ڪلاڪن اندر عملدارن جون بدليون ٿي وينديون آهن جڏهن ته سنڌ حڪومت کي عوام ووٽ ڏنو آهي ۽ آئي جي پوليس کي بدلي ڪرڻ سنڌ حڪومت جو اختيار آهي ۽ هن وقت بد امني جي ڪري هڪ صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ هڪ صحافي جو قتل به ٿيو آهي ۽ هن چيو ته ان قتل ۾ جيڪو به ملوث ڏٺو ويو چاهي مان ئي ڇو نه هجان ان کي سزا قانون موجب ملڻ گهرجي _قانون جي وفاقي وزيرجي  تبديلي جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن پاڪستان بار ڪائونسل جو مطالبو آهي ته وفاقي وزير قانون کي هٽايو وڃي هاڻي ڏسڻو آهي ته وفاقي حڪومت وڪيلن کي يا وري پنهنجي وزارت کي اهميت ڏئي ٿي _ شهباز شريف جي غير موجودگي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو جو موقف بلڪل واضح آهي ته موجوده حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري مان تنگ آهي ته مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ملڪ ۾ هجڻ گهرجي –   وڏي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس مخالف ڌر جي اڳواڻ جي  غير موجودگي جي ڪري بلاول ڀٽو پاڪستان جي عوام جي ترجماني ڪندي مهانگائي ۽ بيروزگاري تي حڪومت کان سوال     پڇيا ته وفاقي حڪومت روايتي طور تي سوالن جا جواب نه ڏنا ۽ ذاتيات تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا، هن چيو ته هن حڪومت وٽ ڪو جواب نه آهي ۽ هر ڳالهه تي ماضي جي حڪومتن کي  قصوروار قرار ڏين ٿا، وڏي وزير چيو ته ان کان به خراب حالتن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ملڪ مليو هو ۽ هن ملڪ کي ترقي ڏانهن گامزن ڪيو _ وڏي وزير چيو ته ماڻهن جي خدمت اهو ئي ڪندو آهي جنهن کي ماڻهن جي مشڪلاتن جو احساس هوندو آهي پر هنن وٽ ماڻهن لاءِ احساس نه آهي ، وڏي وزير چيو ته 2017 جي شروع ۾ اسان وفاق کي سنڌ جي روڊ جي حوالي سان خط لکيو هو  ته حيدرآباد کان سيوهڻ روڊ تي تمام گهڻا حادثا ٿين ٿا ۽ ان وقت جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو هو ته سيوهڻ درگاهه تي زائرين جو وڏو انگ اچي ٿو انڪري ان روڊ جي اڏاوت لاءِ اڌ رقم وفاق ڏيندو ۽ 17 اپريل 2017  تي سنڌ پنهنجي حصي جي اڌ رقم 7 ارب رپيا وفاق کي ڏني  ۽ ڪم شرو ع  ته ٿي ويو آهي پر سستي جو شڪار آهي ۽ اسان ڪيترا ڀيرا ان روڊ جي تعمير لاءِ وفاق کي خط پڻ لکيا آهن ۽ بلاول ڀٽو اهو مسئلو قومي اسيمبلي ۾ به کنيو هو، هن چيو ته اها وفاق طرفان سنڌ جي عوام سان ناانصافي آهي_ هن چيو ته اسان اهو به چيو آهي ته اسانکي سنڌ جا 7 ارب رپيا واپس ڪيا وڃن ۽ وفاق  پنهنجي حصي جا 7 ارب رپيا اسانکي ڏي ته جيئن اسين پاڻ ان روڊ جي تعمير جو ڪم جلد مڪمل ڪري وٺون، بعد ۾  سنڌ جي وڏي وزير سيوهڻ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ڪيل ليڪچرار شهيد خادم حسين ميمڻ جي گهر وڃي  مرحوم جي  ڀاءُ  الطاف ميمڻ ۽ ٻين پونئيرن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي پونئيرن واقعي جا تفصيل ۽ ٻي پيش رفت جي حوالي سان  سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهه ڪيو جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير متاثر ٿيل ڪٽنب کي انصاف مهياڪرڻ جو يقين ڏياريو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ صحت جون سهولتون ناهن، عذرا پيچوهو استعيفيٰ ڏئي: خرم شير زمان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ صحت کاتي جي وزير عذرا پيچوهو کي هٽائڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے