نڪور خبرون
Home / پاڪستان / توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ٿيندڙ نقصانن تي ظابطوآڻڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، وزيراعظم

توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ٿيندڙ نقصانن تي ظابطوآڻڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، وزيراعظم

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيوآهي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ٿيندڙ نقصانن تي ڪنٽرول ڪرن حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ماضي جي حڪومتن پاران ڪيل معاهدن تي بروقت انتظامي سڌارن کي پوئتي رکڻ ۽ روانگي ۽ ورڇ جي شعبي ۾ ٿيندڙ نقصانن کي نظرانداز ڪرڻ سان توانائي جي شعبي ۾ مختلف چيلينجز آهن. سمورو بارعوام برداشت ڪري رهيوآهي. سومرتي وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ بجلي جي قيمتن امڪاني لاٿ جي حوالي سان اعلي سطح جواجلاس ٿيو.جنهن ۾ عمرايوب.سيد علي حيدرزيدي.ڊاڪٽرعبدالحفيظ.۽ ٻياشريڪ ٿيا.اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيوته توانائي جو شعبو ملڪ جي معيشت جي ترقي ۾ خاص اهميت وارو آهي، صارفين ۽ صنعتن کي مناسب قيمت تي بجلي جي فراهمي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ان ۾ ٿيندڙ نقصانن تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، هن چيو ته حڪومت 1 کان 3 سئو يونٽ استعمال ڪندڙ صارفين کي امڪاني حد تائين رليف فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته کيس عوام جي تڪليفن جو اندازو آهي ۽ حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ لاٿ ڪئي وڃي ۽ جيتري قدر ٿي سگهي عوام کي رليف ڏنو وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے