نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / ٽرمپ ڀارت پهتو،حالت ڪشيده، چڪريون،پوليس اهلڪار سميت ٻه ماڻهو فوت

ٽرمپ ڀارت پهتو،حالت ڪشيده، چڪريون،پوليس اهلڪار سميت ٻه ماڻهو فوت

واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي اچڻ کان اڳ  نئين دهلي ۾ ڌمڪي، هڪ پوليس آفيسر سميت 2 ڄڻا مارجي ويا. هندستاني ميڊيا موجب، مارجي ويل پوليس جو نالو رتن لعل هو، جيڪو پوليس جي سربراهي ۾ ڪم ڪري رهيو هو. ڊپٽي ڪمشنر پوليس (ڊي سي پي) اميت شرما پڻ علاج لاء اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي زال ميلانيا سان گڏ ڀارت جي پنهنجي سرڪاري پهرين دوري تي اولهندي شهر احمد آباد ۾لهي پيو، هن دوري جو مقصد ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ پيدا ٿيندڙ واپاري اختلافن کي وساريندي ٻه طرفي لاڳاپن کي نئون رخ ڏيڻو آهي، هي آمريڪي صدر جو اٺون ۽ ٽرمپ جو پهريون دورو آهي، گذريل سال ٽيڪساس ۾ صدر ٽرمپ هادي مودي تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ ان قسم جي هڪ ٻي تقريب احمد آباد جي سردار ولب ڀائي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم سجائي وئي آهي جنهن کي نمستي ٽرمپ جو نالو ڏنو ويو آهي، هن اسٽيڊيم ۾ هڪ لک 10 هزار ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي، ڀارتي وزيراعظم مودي ايئرفورس ون جي دروازي تي صدر ٽرمپ ۽ ان جي زال جي آجيان ڪئي، آمريڪي صدر هندي زبان ۾ هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسان ڀارت اچڻ لاءِ تيار آهيون ۽ اسان رستي ۾ آهيون، ٿورن ڪلاڪن ۾ سڀني سان ملاقات ڪنداسين، تازو آمريڪا ڀارت لاءِ ڊيوٽي فري پروگرام رد ڪيو هو جنهن جي جواب ۾ ڀارت آمريڪا جي 28 شين تي ٽيڪس مڙهي ڇڏيو هو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي دوري دوران پهرين ئي خطاب ۾ پاڪستان جي تعريف ڪري ڇڏي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دوري لاءِ ڀارت پهتو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سندس وڏي شاندار انداز ۾ آجيان ڪئي. ٽرمپ سان گڏ خاتون اول ميلانيا ٽرمپ، ڌيءِ ۽ صدارتي صلاحڪار ايونڪا ٽرمپ ۽ ناٺي جير ڊڪشر به گڏ هئا. آمريڪي صدر رياست گجرات جي شهر احمد آباد ۾ عوام کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت ۽ آمريڪا دهشتگردن ۽ انهن جي نظرين جي خلاف جنگ ۾ متحد آهن، ان لاءِ منهنجي حڪومت دهشتگردن خلاف ڪارروائي لاءِ پاڪستان سان گڏ مثبت انداز ۾ ڪم ڪري رهي آهي. ٽرمپ چيو ته پاڪستان سان اسان جا سٺا لاڳاپا آهن جن ۾ ترقي ٿي رهي آهي، سندس ڪوششن جي ڪري پاڪستان سان گڏ اڳڀرائي جا اشارا نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، اسان ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، استحڪام ۾ اضافي ۽ مستقبل ۾ ڀائپي لاءِ پراميد آهيون. هن چيو ته آمريڪا ۽ ڀارت اسلامي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ گڏ آهن، منهنجي حڪومت داعش خلاف پوري فوجي طاقت سان ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ان جي خلافت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ خليفه ابوبڪر البغدادي کي ماريو ويو. ڀارت سان 3 ارب ڊالرن جي دفاعي معاهدن جو اعلان ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان وٽ دنيا جا بهترين هٿيار موجود آهن ۽ ڀارت سان دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيندي اسان هن کي دنيا جا خطرناڪ ترين هٿيار ڏينداسين، ڀارت جي آجيان کي هميشا ياد رکندس،اسان جي دلين ۾ ڀارتين لاءِ خصوصي جاءِ آهي. ٽرمپ ڀارت جي مذهبي ڀائپي کي ساراهيندي چيو ته ڀارت ۾ هندو، مسلمان، سک، جين ۽ عيسائي پنهنجي پنهنجي مذهبن جي عبادت ڪندا آهن، اوهان هڪ قوم جيان هميشه مضبوط بڻجي رهو، ڀارت غير معمولي طور تي ڳچ آبادي وارو ملڪ آهي جيڪا دنيا جي سڀ کان وڏي جهموريت آهي ۽ هن ملڪ جو عوام معزز ۽ مضبوط آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے