نڪور خبرون
Home / شوبز / علي ظفر خلاف ميشا شفيع طرفان داخل ڪرايل ساک متاثر ڪرڻ جي دعويٰ

علي ظفر خلاف ميشا شفيع طرفان داخل ڪرايل ساک متاثر ڪرڻ جي دعويٰ

لاهور (شوبز) لاهور جي مقامي عدالت گلوڪار علي ظفر خلاف ميشا شفيع طرفان داخل ڪرايل ساک متاثر ڪرڻ جي دعويٰ تي ٻڌڻي روڪڻ جو لکت وارو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. لاهور جي ايڊيشنل سيشن جج امجد علي شاهه گلوڪار علي ظفر خلاف ميشا شفيع جي ساک متاثر ڪرڻ جي دعويٰ تي ٻڌڻي روڪڻ جو لکت وارو حڪم جاري ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ميشا شفيع ۽ علي ظفر جي ساک متاثر ڪرڻ وارن دعوائن ۾ هڪ ئي نوعيت جا الزام لڳايا ويا آهن. علي ظفر جي دعويٰ اڳ ئي ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ ان ۾ شاهدن جا بيان به رڪارڊ ٿي چڪا آهن، علي ظفر ضابطه ديواني جي قلم 10 تحت ميشا شفيع جي ساک متاثر ڪرڻ جي دعويٰ تي ٻڌڻي روڪڻ جي اپيل ڪئي آهي، جيڪڏهن علي ظفر ميشا شفيع خلاف ساک متاثر ڪرڻ جي دعويٰ رد ٿئي ته ميشا شفيع جي دعويٰ تي ٻڌڻي ڪئي ويندي. واضح رهي ته گلوڪارا ميشا شفيع ٻه ورهيه اڳ اپريل ۾ علي ظفر تي جنسي طور هيسائڻ جا الزام لڳايا هئا ته علي ظفر کيس ڪيترائي ڀيرا جنسي طور هراسان ڪيو. پر علي ظفر ميشا شفيع جي سمورن الزامن کي ڪوڙو قرار ڏيندي هن تي 100 ڪروڙ ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪرائي هئي. جنهن جي جواب ۾ گلوڪارا ميشا شفيع به علي ظفر تي ڪوڙا الزام لڳائڻ، بدنام ڪرڻ ۽ هن جي ساک کي نقصان رسائڻ لاءِ 200 ڪروڙن جو ليگل نوٽيس موڪلرايو هو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جو ڊپ: مايا علي پاران گهر جي صفائي ڪرڻ واري وڊيو وائرل

ڪراچي (شوبز نيوز)  اداڪاره مايا علي ڪورونا وائرس جي ڊپ کي نظر ۾ رکندي گهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے