نڪور خبرون
Home / پاڪستان / لڳايل الزام ثابت نه ٿيڻ تي وزيراعظم خلاف توهين عدالت جي ٿي سگهي ٿي: فائز عيسيٰ

لڳايل الزام ثابت نه ٿيڻ تي وزيراعظم خلاف توهين عدالت جي ٿي سگهي ٿي: فائز عيسيٰ

اسلام آباد ( م ڊ)سُپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي خلاف ريفرنس تي جواب جمع ڪرائيندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن جا اثاثا ظاهر نه ڪيا آهن، فيض آباد ڌرڻي بابت نظرثاني ڪيس ۾ مٿس لڳايل الزام ثابت نه ٿيڻ تي سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي خلاف ريفرنس تي سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. جنهن ۾ جسٽس قاضي فائز الزام وزيراعظم عمران خان سوڌو ٻين سياستدانن تي آف شور ڪمپنيز رکڻ جا الزام هنيا آهن. جواب ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ڪيترن ئي نمايان شخصيتن آف شور ڪمپنيز ذريعي پرڏيهي ملڪيتون لڪايون، موجوده وزيراعظم به اُنهن نمايان شخصيتن ۾ شامل آهي، هُن برطانيا ۾ ملڪيتون گهرواري ۽ ٻارن جي نالي تي خريد ڪيون. جواب ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اثاثن جي رڪوري يونٽ جو ڪوبه قانون نه آهي، نه ئي وري وفاقي حڪومت جي رولز ۽ سرڪاري گزيٽ ۾ اُن جو ذڪر آهي. وزيراعظم عمران خان پاڻ پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن جا اثاثا ظاهر نه ڪيا آهن. سُپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم کي سزا ڏئي چڪي آهي. سُپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته فيض آباد ڌرڻو نظرثاني ڪيس ۾ سندس ذات تي الزام لڳايا ويا آهن. اهي الزام غلط ثابت ٿيڻ تي توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. فيض آباد ڌرڻي جي حوالي سان نظرثاني ڪيس جي تياري کان وزيراعظم عمران خان اڻڄاڻ نه آهي. حڪومت سندس ڪٽنب جي مخبري لاءِ برطانيا جي نجي ڪمپني جون خدمتون ورتيون ويون هيون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے