نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڀارت ۾ سنجيده حڪومت هجي ها ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿي وڃي ها: عمران خان

ڀارت ۾ سنجيده حڪومت هجي ها ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿي وڃي ها: عمران خان

اسلام آباد(م ڊ)  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير جو مسئلو واپار ۽ خوشحالي جي رستي ۾ رڪاوٽ آهي.بيلجيئن ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير جو مسئلو واپار ۽ خوشحالي جي رستي ۾ سڀني کان وڏي رڪاوٽ آهي پر جيڪڏهن ڀارت ۾ سنجيده حڪومت هجي ها ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿي وڃي ها.هن چيو ته ڀارتي فوج ڪشميري نوجوانن کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو آهي ڇو ته ڀارتي حڪومت آر ايس ايس ۽ هندوتوا جي نظريئي مان متاثر آهي. افغانستان جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي عمران خان چيو ته افغانستان ۾ امن جي لاءِ هر ممڪن مدد ڪري رهيا آهيون.آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ ڳالهين جي ڪاميابي سان امن جو قيام ممڪن ٿي سگهندو. ڪرڪيٽ مان سياست ۾ اچڻ بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ ملڪ هلائڻ ۾ وڏو فرق هوندو آهي.ناڪامي کان نٿو ڊڄان، پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪري رهيو آهيان، ڪاميابي ڏيڻ نه ڏيڻ الله جي هٿ ۾ آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے