نڪور خبرون
Home / پاڪستان / افغانستان جي مسئلي جو پرامن حل آسان نه هو ۽ نه آهي، طاقت جو استعمال درست ناهي: شاهه محمود

افغانستان جي مسئلي جو پرامن حل آسان نه هو ۽ نه آهي، طاقت جو استعمال درست ناهي: شاهه محمود

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغان امن عمل تي خوشي ڏيندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي موجودگي ۾ ان معاهدي تي صحيح ٿيندي ڇو ته پاڪستنا کان سواءِ انهن معاملن کي اڳتي وڌائڻ ممڪن نه هو. پرڏيهي کاتي طرفان جاري بيان موجب شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته افغانستان جي مسئلي جو پرامن حل آسان نه هو ۽ نه آهي. سندس چوڻ هو ته سڀ کان پهرين ته اسان کي دنيا کي اِهو باور ڪرائڻو هو ته افغانستان کي مسئلي جو حل طاقت جي ذريعي ممڪن ناهي ۽ گڏيل ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ڳولڻو پوندو. هن چيو ته ٻي ڳالهه اِها آهي ته طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي لاءِ راضي ڪرڻ به آسان نه هو. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته جڏهن افغانستان ۾ هڪ فوتگي کان پوءِ صدر ٽرمپ طرفان ٽوئيٽ آيو ته هن افغان امن ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون هيون ته اسان جي ڪوشش هئي ته ڳالهيون ٻيهر بحال ٿين. هن ٻڌايو ته پاڪستان 2 مغوين کي ڇڏرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، دوحا جي اندر ڳالهيون شروع ٿيڻ آسان نه هو. سندس چوڻ هو ته خوشي جي ڳالهه اِها آهي ته اڄ ٻئي ڌريون چئي رهيون آهن ته اسان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن هڪ معاهدي جي ويجهو پهچي چڪا آهيون اسان کي تشدد ۾ گهٽتائي به آڻڻي پوندي ۽ انشاءَ الله 29 تاريخ تي ان معاهدي تي صحيح به ڪرڻي آهي. هن چيو ته اڄ آمريڪا سميت سڄي دنيا اسان جي ڪردار کي ساراهي رهي آهي ڪجهه ڏينهن اڳ افغانستان جي لاءِ آمريڪا جو خاص نمائندو زلمي خليل زاد اسلام آباد آيو جنهن ۾ وزير اعظم ۽ منهنجي هن سان گڏ تفصيلي ملاقات ٿي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته سمورا معاملا جيڪي هاڻ منظر تي اچي رهيا آهن انهن تي اسان جون تفصيلي ڳالهيون به ٿيون ۽ اسان هڪ روڊ ميپ طئي ڪيو هو. هن ٻڌايو ته اسان زلمي خليل زاد کي اِهو به چيو هو ته اهڙا عنصر موجود آهن جيڪي اسان جي سڄي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي پٺيان پيل آهي اسان کي انهن عنصرن کان باخبر رهڻو پوندو ڇو ته هڪ طبقو آهي جيڪو جنگ جي ڪيفيت مان فائدو وٺي رهيو آهي ۽ ان جي حليفن کي انهن عنصرن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي ديانتداري ۽ ڪوششن رنگ لاتو آهي جو ڳالهه هيستائين پهچي آهي اميد آهي ته اِها ڳالهه وڌيڪ اڳتي وڌندي. هن آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مائيڪ پومپيو جي پاڪستان جي دوري کي ياد ڏياريندي چيو ته جڏهن مائيڪ پومپيو پاڪستان آيو ۽ منهنجي هن سان پهرين ملاقات ٿي ان وقت پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ دٻاءُ هو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے