نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / دهشتگردن جي مدد جو الزام، ايف اي ٽي ايف ايران کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو

دهشتگردن جي مدد جو الزام، ايف اي ٽي ايف ايران کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو

پيرس( م ڊ)  فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف اي ٽي ايف) فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ ٿيندڙ 5 ڏينهن واري اجلاس کان پوءِ ايران کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ايف اي ٽي ايف جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران جي حڪومت مني لانڊرنگ ۾ ملوث رهي آهي ۽ دهشتگردي کان بچاءَ لاءِ عالمي معيار اختيار ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهي آهي. ان قدم  کان اڳ پيرس ۾ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس دوران ايران کي وارننگ ڏني وئي هئي ته هو دهشتگردن جي مالي مدد کي روڪڻ بابت ضابطا ٺاهي، لاڳو ڪري ۽ حاصل ڪيل اڳڀرائي بيان ڪري.ايف اي ٽي ايف چيو آهي ته عام حالتن ۾ ڪوشش اها هجڻ گهرجي ته فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي نشاندهي ۽ هدايتن کان سواءِ ئي آزادانه طور تي دهشتگردي کي سختي  سان منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ذريعن موجب بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ کان پوءِ هاڻ ايران سان ڏي وٺ ڪنهن به طور تي جائز نه هوندي. جڏهن ته نگراني جي سخت نظام جي نتيجي ۾ صورتحال ۾ بهتري جو امڪان مشڪل ٿي ويندو.بليڪ لسٽ جو مطلب اهو هوندو ته ايران ۾ ڪم ڪندڙ ادارن جي مالي معاملن کي ٻاهرين جانچ پڙتال جي نظام مان گذاريو ويندو. جڏهن ته اهي ڪجهه بينڪ ۽ ڪاروباري ادارا جيڪي هينئر تائين ايران ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. ان تي دٻاءُ ۾ اضافو ٿيندو ايران جي معيشت تي پهريان ئي سخت پابنديون لاڳو آهن. اهڙي حالتن ۾ جڏهن نيو ڪليئر معاملا، ميزائل پروگرام ۽ وچ اوڀر ۾ ايران جي سرگرمين تي نگراني جو عمل جاري آهي ان کان پوءِ ايران سخت دٻاءُ جو شڪار آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايران سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي ته ان جي لاءِ لازمي هوندو ته ايف اي ٽي ايف جي قاعدن جي پابندي ڪري. ان ڳالهين جي اهميت ان لاءِ به وڌي وئي آهي ڇو ته 2018 ۾ ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ ٿيندڙ جوهري معاهدي سان آمريڪا ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان سان گڏ ئي ٽرمپ انتظاميه ايران تي ٻيهر سخت پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون هيون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستاني امن دستا دنيا جي ڏکين ۽ شروش زده علائقن ۾ انسانيت جي خدمت جاري رکيو پيا اچن: آرمي چيف

راولپنڊي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه چيو آهي ته عالمي امن لاءِ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے