نڪور خبرون
Home / پاڪستان / خالد جاويد اٽارني جنرل پاڪستان طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري

خالد جاويد اٽارني جنرل پاڪستان طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت انور منصور خان جي جاءِ تي اٽارني جنرل خالد جاويد جي مقرريءَ جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيوآهي. ٻه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت جي مطالبي تي انور منصور خان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. وفاقي حڪومت انور منصور خان جي جاءِ تي خالد جاويد خان کي نئون اٽارني جنرل مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. هاڻ قانون جي وزارت خالد جاويد خان جي بطور اٽارني جنرل آف وپاڪستان مقرريءَ جو باقاعده نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.وفاقي حڪومت پاران نڪتل نوٽيفيڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صدر مملڪت خالد جاويد خان کي اٽارني جنرل مقرر ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو عهدو وفاقي وزير جي برابر هوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئون اٽارني جنرل خالد جاويد خان سومر جي ڏينهن جسٽس قاضي عيسيٰ فائز پاران ڏنل درخواستن تي حڪومت جو مؤقف پيش ڪندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے