نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / عارضي جنگ بندي واعدي تي عمل بعد ئي طالبان سان معاهدو ٿيندو: پامپيو

عارضي جنگ بندي واعدي تي عمل بعد ئي طالبان سان معاهدو ٿيندو: پامپيو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ تشدد وارين ڪاررواين کي گهٽ ڪرڻ واري واعدي تي عمل شروع ٿي ويو آهي.آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ هڪ سال کان جاري ڳالهين جو نتيجو نڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ڌرين جي وچ ۾ اعتماد سازي جي بحالي لاءِ 7 ڏينهن لاءِ تشدد واريون ڪارروايون روڪڻ تي اتفاق ٿي ويو. ڌرين وچ ۾ افغانستان جي مقامي وقت موجب جمعي ۽ ڇنڇر جي رات تشدد وارين ڪاررواين ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سمجهوتي تي عمل شروع ٿي ويو آهي. جنگ بندي تي  عمل ڪرڻ ڪامياب رهيو ته آمريڪا ۽ افغان طالبان امن جي شروعاتي  معاهدي تي صحيحون ڪندا جنهن سان ڪافي عرصي کان جاري جنگ خاتمي جي ويجهو پهچي ويندي.عارضي جنگبندي جي معادي تحت هڪ هفتي تائين افغان طالبان، اتحادي فورس ۽ افغان فورس جي خلاف ڪنهن به طرفان ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ويندي. ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو به عارضي جنگبندي جي عمل جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪافي وقت کان هلندڙ جنگ کان پوءِ طالبان سان افغانستان ۾ تشدد وارين ڪاررواين ۾ گهٽتائي آڻڻ جي سمجهوتي تي اتفاق ٿي چڪو آهي جيڪو امن عمل جي لاءِ انتهائي اهم قدم آهي.مائيڪ پومپيو چيو ته هن عارضي جنگبندي جي ڪاميابي آمريڪا ۽ افغان طالبان وچ ۾ امن معاهدي طرفان اڳڀرائي تيز ڪري ڇڏيندي ۽  اسان هن امن معاهدي تي 29 فيبروري تي صحيحون ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف افغان طالبان به تصديق ڪئي آهي ته ان جو آمريڪا سان گڏ 29 فيبروري تي امڪاني طور تي امن معاهدو  شروع ٿيڻ وارو آهي ۽ ان معاهدي جي تقريب ۾ ڪيترائي ملڪ ۽ عالمي تنظيمن جا نمائندا گواهه طور شرڪت ڪندا.هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا سان معاهدي جي تحت سموري پرڏيهي فوج افغانستان مان نڪري ويندي ۽ ڪنهن کي به افغانستان جي زمين ٻئي جي خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. سهيل شاهين  امن عمل ۾ حصو بنجڻ تي سمورن ملڪن جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته امن عمل ۾ حصو وٺندڙ قطر ۽ ٻين ملڪن جا ٿورائتا آهيون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

رياض: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب جي سرڪاري اخبار(اردو نيوز) موجب سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے