نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / ٽرمپ جي صلاحڪار روجر اسٽون کي 40 مهينا قيد جي سزا

ٽرمپ جي صلاحڪار روجر اسٽون کي 40 مهينا قيد جي سزا

واشٽنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي عدالت ڊونلڊ ٽرمپ جي اڳوڻي صلاحڪار روجر اسٽون کي 40 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب روجر اسٽون ڊگهي وقت کان آمريڪي صدر ٽرمپ جو صلاحڪار رهي چڪو آهي هن کي 2016 ۾ ٿيندڙ آمريڪي چونڊن ۾ روس جي مداخلت جي جاچ جي سلسلي ۾ ڪانگريس جي سامهون ڪوڙو بيان ڏيڻ تي سزا ٻڌائي وئي.  آمريڪا جي ڊسٽرڪٽ جج روجس اسٽون کي وڪيلن طرفان سزا جو وقت پڇڻ کان پوءِ سزا جو فيصلو لکيو. آمريڪي جج چيو ته روجر اسٽون جو ڪوڙ اسان جي جمهوريت لاءِ خطرو آهي. آمريڪي جج پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته روجر اسٽون کي ان لاءِ سزا ناهي ڏني وئي ته ان تي آمريڪي صدر جي لاءِ بيهڻ بابت شڪايتون هيون اسٽون کي آمريڪي صدر کي بچائڻ تي سزا ٻڌائي وئي.  راجر اسٽون جي سزا تي تنقيد ڪندي آمريڪي صدر ٽرائل کي غير شفاف قرار ڏنو ۽ چيو ته  مان پنهنجي دوست جي معافي جي بجاءِ چاهيندس ته قانون پنهنجو رستو ڪڍي. ميڊيا رپورٽن موجب راجر اسٽون ۽ ان جا وڪيل  هن ڪيس ۾ نئون ٽرائل چاهين ٿا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

رياض: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب جي سرڪاري اخبار(اردو نيوز) موجب سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے