نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بنا جواز فائرنگ،10شهري زخمي، هڪ ڀارتي فوجي مارجي ويو

ڀارتي فوج جي ايل او سي تي بنا جواز فائرنگ،10شهري زخمي، هڪ ڀارتي فوجي مارجي ويو

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول تي بنا جواز فائرنگ جو سلسلو بند ڪيو آهي، دشمن جي بزدل فوج ايل او سي ڀرسان ڳوٺ جبار، سندارا، سنڀل گلي ۽ دبسي ۾ بنا جواز فائرنگ ڪئي پر پاڪ فوج به ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب ڀارتي فوج گذريل 24 ڪلاڪن دوران چندروٽ ۽ نڪيال سيڪٽر ۾ مارٽرز ۽ توپن جو استعمال ڪيو آهي، ڀارتي فوجي شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن ۽ ٻن عورتن سميت 10 معصوم شهري زخمي ٿي پيا، زخمين کي ويجهي جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيوويو آهي. پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ هڪ ڀارتي فوجي مارجي ويو آهي ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن، زخمين ۾ ڀارتي فوج جو ميجر به شامل آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے