نڪور خبرون
Home / پاڪستان / حڪومت ق ليگ جا مطالبا تسليم ڪري ورتا، چونڊون گڏجي وڙهڻ جو اعلان

حڪومت ق ليگ جا مطالبا تسليم ڪري ورتا، چونڊون گڏجي وڙهڻ جو اعلان

لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پنجاب ۽ مرڪز ۾ اتحادي پارٽي مسلم ليگ(ق) جا مطالبا مڃي ورتا آهن ۽ ٻنهي پارٽين جو اتحاد برقرار رکندي ايندڙ اليڪشن به گڏ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي.حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي اتحادي پارٽي(ق) ليگ سان ڳالهين جي لاءِ چوڌري ڀائرن جي گهر پهتي.، ڪميٽي ۾ پنجاب جو گورنر چوڌري سرور، وڏو وزير عثمان بوزدار، وفاقي وزير پرويز خٽڪ، اسد عمر ۽ شفقت محمود به شامل هئا. مسلم ليگ(ق) جي قيادت حڪومتي ڪميٽي جي ميمبرن جو استقبال ڪيو جنهن کان پوءِ ڳالهيون شروع ٿيون. حڪومتي ٽيم  ۽ مسلم ليگ(ق) جي وچ ۾ ڳالهين جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومتي ڪميٽي مسلم ليگ(ق) جا مطالبا مڃي ورتا آهن جنهن کان پوءِ(ق) ليگ کي ترقياتي فنڊ جلد جاري ڪيا ويندا ۽ ان معاملي تي ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ فالو اپ ميٽنگ اسلام آباد  ۾ ٿيندي.ذريعن موجب(ق)  ليگ جا وزير وزارتن جي معاملن ۾ باختيار هوندا. جڏهن ته ڪنهن به اعتراض جوڳي آفيسر جي مقرري تي تحريڪ انصاف اعتراض ڪري سگهندي ۽ اعتراض تي مسلم ليگ(ق) لاڳاپيل وزارت ۾ مقرري جي لاءِ نون آفيسرن جو نالو ڏيڻ جي پابند هوندي. ذريعن موجب مسلم ليگ(ق) پنهنجي لاڳاپيل ضلعن ۾ عوامي مسئلن جي حل جي لاءِ  بااختيار هوندي. مقرريون مختلف ڪميٽين ۽ حڪومتي ادارن ۾ نمائندگي ۾ (ق) ليگ جي تجويزن تي عمل ڪيو ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

عنقريب باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو ۽ انشاء الله ڊسمبر ۾ باڊهه جو دؤرو ڪندس: مراد علي شاهه

ڪراچي / باڊهه  (رپورٽر) باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ شهرين پاران جوڙيل باڊهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے