نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / ڪورونا وائرس 97 ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، رپورٽنگ ڪندڙ صحافي غائب

ڪورونا وائرس 97 ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، رپورٽنگ ڪندڙ صحافي غائب

بيجنگ(مانيٽرنگ ڊيسڪ) چين جي صوبي هوبي جي شهر ووهان ۾ ڪورونا وائرس مان وڌيڪ 97 ماڻهن جي فوت ٿيڻ بعد فوتين جو مجموعي انگ 908 ٿي ويو آهي. چين جي سڌ سماء جي ذريعن مطابق چين ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس 97 ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون جنهن بعد فوتين جو انگ 908 تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته 3036 نئوا ڪيس سامهون آيا آهن. چين ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 40 هزار 171 کان وڌي ويو آهيڪرونا وائرس جي متاثر چين جي شهر وهان مان رپورٽنگ ڪندڙ صحافي چين ڪيوشي مبينا طور تي گذريل هفتي غائب ٿي ويو نشرياتي اداري جي  رپورٽ ۾ صحافي جي گهرڀاتين ۽ دوستن جو حوالو ڏيندي اها خبر ڏيندي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته چين ڪيوشي 24 جنوري تي وهان پهتو جتان هن پنهنجي دوري دوران ٺاهيل ويڊيوز انٽرنيٽ تي شيئر ڪيون جنهن ۾ ماڻهن سان ڀريل اسپتال، جنازي وارن هنڌن ۽ عارضي طور تي بڻايل آئيسوليشن وارڊ شامل آهن رپورٽ موجب چين ڪيوشي جي دوست ٽوئيٽر تي صحافي جي ماءُ ويڊيو پيغام اپلوڊ ڪيو جنهن ۾ هن چيو هو ته صحافي غائب ٿي ويو آهي چين ڪيوشي جا دوست ان کان خيريت معلوم ڪري رهيا هئا ته ڇو ته کين خوف هو ته صحافي کي ڪنهن به وقت ان جي  رپورٽنگ جي ڪري گرفتار ڪيو ويندو جڏهن هن خميس جي شام جو فون جو جواب نه ڏنو ته انهن جي ڳڻتي وڌي وئي هئي انهن جي دوستن موجب چين ڪيوشي ان جي ٽوئيٽر اڪائونٽ جو تفصيل پنهنجن ويجهن دوستن کي عملدارن پاران گرفتار ٿيندڙ خدشي کي آڏو رکي ڏئي ڇڏيو هو ٻئي پاسي وهان ۽ ڪنگڊا شهر جي پوليس چيو هو ته کين چين ڪيوشي جي حوالي سان ڪا به خبر ناهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ 21 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جو اعلان

رياض: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سعودي عرب جي سرڪاري اخبار(اردو نيوز) موجب سعودي حڪومت سڄي ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے