نڪور خبرون
Home / شوبز / اداڪارا نيلم منير تحفي ۾ ڪعبي جو غلاف مليو

اداڪارا نيلم منير تحفي ۾ ڪعبي جو غلاف مليو

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا نيلم منير خان کي تحفي ۾ ڪعبي جو غلاف مليو آهي. گذريل سال پاڪستان شوبز انڊسٽريءَ سان تعلق رکندڙ مشهور اداڪارا نيلم منير سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي ڪعبي جي غلاف جي تصوير شيئر ڪئي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ ڪيپشن لکيو ته “الله جي مهرباني سان مون کي ڪعبي جي غلاف جو هڪ ٽڪرو مليو آهي. الحمدالله هي منهنجي لاءِ سڀني کان قيمتي تحفو آهي.” اداڪارا جي ان پوسٽ تي مداحن کيس واڌايون به پيش ڪيون. ربيعه ملڪ نالي صارف لکيو ته لک لک مبارڪون، تمام سهڻو تحفو آهي، ماشاءُ الله، جڏهن ته نمره نالي صارف لکيو ته “الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجو گھر ڏسڻ نصيب ڪري.”

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جو ڊپ: مايا علي پاران گهر جي صفائي ڪرڻ واري وڊيو وائرل

ڪراچي (شوبز نيوز)  اداڪاره مايا علي ڪورونا وائرس جي ڊپ کي نظر ۾ رکندي گهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے