نڪور خبرون
Home / سنڌ / ڪراچي ۾ ريلوي جي زمين تي اڏيل عمارتون هفتي اندر ڊاهڻ جو حڪم

ڪراچي ۾ ريلوي جي زمين تي اڏيل عمارتون هفتي اندر ڊاهڻ جو حڪم

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سُپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ ريلوي جي زمين تي اڏيل عمارتون هفتي اندر ڊاهڻ جو حڪم ڏيندي سرڪلر ريلوي سنڌ سرڪار کي ڏيڻ واري فيصلي جي ڪاپي طلب ڪري ورتي آهي. سُپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي ۽ لوڪل ٽرن جي بحاليءَ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سيڪريٽري ريلوي، ڪمشنر ۽ ميئر ڪراچي سوڌو اي جي سنڌ پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران ايڊووڪيٽ فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته ساڍا 6 هزار ماڻهن کي بي گهر ڪيو ويو آهي، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته توهان کي ڪنهن اختيار ڏنو ته وڃي قبضا ڪريو، ريلوي جي زمين تي وڏيون وڏيون عمارتون ٺهي ويون آهن، وڃي هڪ هفتي اندر ڊاهي اچو. ڪمشنر ڪراچي عدالت کي آگاهي ڏني ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اِنهي معاملي تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو آهي. جنهن تي عدالت چيو توهان وڃي عمارتون ڊاهيو ۽ ٻڌايو ته سُپريم ڪورٽ جو آرڊر آهي. عدالت سيڪريتري ريلوي کي حڪم ڏنو ايڪنڪ طرفان سرڪلر ريلوي جي زمين سنڌ حڪومت کي ڏيڻ جي حوالي سان ڪاپي پيش ڪريو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے