نڪور خبرون
Home / سنڌ / سڄي ڪراچي ۾ ٽرئفڪ جام آهي (چيف جسٽس گلزار احمد) مون وٽ اختيار نه آهن :ميئر ڪراچي وسيم اختر

سڄي ڪراچي ۾ ٽرئفڪ جام آهي (چيف جسٽس گلزار احمد) مون وٽ اختيار نه آهن :ميئر ڪراچي وسيم اختر

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سُپريم ڪورٽ ڪِڊني هل پارڪ جي مڪمل بحالي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته سڄي ڪراچي ۾ ٽرئفڪ جام آهي. چيف جسٽس گلزار احمد ميئر ڪراچي سان مخاطب ٿيندي چيو ته چونڊون کٽڻ باوجود ڪجهه نٿا ڪري سگهو ته پوءِ توهان ڇو آيا آهيو؟ سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ غيرقانوني اڏاوتن، حددخلين خاتمي ۽ ڪراچي جي اصل شڪل ۾ بحاليءَ واري ڪيس تي ٻڌڻيءَ ٿي، عدالت ڪڊني هل پارڪ جي مڪمل بحالي ۽ باغ ابِن قاسم ۾ تجارتي عمارتن جي رکيل ملبي کي فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻيءَ دوران مير ڪراچي وسيم اختر عدالت کي آگاهي ڏني ته ڪراچي جي 60 سيڪڙو زمين وفاق وٽ آهي، 30 سيڪڙو سنڌ حڪومت وٽ آهي، جڏهن ته رڳو 10 سيڪڙو زمين سندس اختياري دائري ۾ آهي. چيف جسٽس گلزار احمد ميئر ڪراچي سان مخاطب ٿيندي چيو ته پوءِ توهان ڇو آيا آهيو؟ چونڊون کٽي اچڻ باوجود توهان ڪجهه نٿا ڪري سگهو. ميئر ڪراچي چيو ته وٽس اختيار ئي نه آهن، کائنس اختيار کسيا ويا آهن. جنهن تي عدالت چيو ته توهان وڃي چئلينج ڪريو. ميئر ڪراچي عدالت کي آگاهي ڏني ته سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرايل آهي. عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته ڪي آءِ ڊي سي ايل ته هاڻ سنڌ حڪمت کي ملي وئي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڄو ڪراچي شهر جام آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے