نڪور خبرون
Home / پاڪستان / فنڊز واپس نه ڪيا ته سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت لاءِ ٽئڪس جمع نه ڪندي: سنڌ حڪومت

فنڊز واپس نه ڪيا ته سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت لاءِ ٽئڪس جمع نه ڪندي: سنڌ حڪومت

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ سرڪار ايف بي آر طرفان غيرقانوني طور ڪٽوتي ڪيل 8 ارب رُپيا واپس نه ملڻ جي صورت ۾ وفاق لاءِ ٽئڪس اوڳاڙي نه ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس دوران فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي مان غيرقانوني ڪٽوتيون ڪرڻ واري معاملي تي غور ٿيو. اجلاس ۾ ايڪسائيز کاتي جي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، سيڪريٽري حليم شيخ، ناڻي کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. سي ايم هائوس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ايف بي آر سنڌ جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي مان ڪٽوتيون ڪيون آهن، جيڪڏهن وفاقي سرڪار اهي فنڊز واپس نه ڪيا ته سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت لاءِ ٽئڪس جمع نه ڪندي. ايف بي آر ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ جي آفيس ۾ وِد هولڊنگ ٽئڪس جي اوڳاڙي لاءِ پنهنجو ڪائونٽر کولي. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته سنڌ سرڪار گاڏين جي رجسٽريشن وغيره تي وفاقي سرڪار طرفان وِد هولڊنگ ٽئڪس وٺندي آهي، اُنهي اوڳاڙي ۾ 2 سيڪڙو سروس چارجز رکي ٻيا فنڊز ايف بي آر جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا ويندا آهن. جڏهن ته ايف بي آر ايڪسائيز کاتو سنڌ جي اڪائونٽ مان 8 ارب رُپيا غيرقانوني طور ڪٽوتي ڪري چڪو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايڪسائيز اينڊ ٽئڪسيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ جا 8 ارب رُپيا واپس ڪرائڻ وارو معاملو ڪابينا اجلاس ۾ آندو ويندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے