نڪور خبرون
Home / انٽرنيشنل / ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 57 ڄڻا فوت ٿي ويا، انگ 360 ٿي ويون

ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 57 ڄڻا فوت ٿي ويا، انگ 360 ٿي ويون

بيجنگ ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) چين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگيون 360  ٿي ويون . فرانسيسي خابرو اداري چين جي صوبي هوبي جي اختيارين جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته چين جي صوبي هوبي ۾ گذريل ڏينهن ڪرونا وائرس سبب متاثر 56 ماڻهوفوت ٿي ويا آهن. چين ۾ ڪورونا وائرس ووهان صوبي کان پوءِ صوبي هوبي پڻ پهچي ويو آهي. جتي ان وائرس سبب 56 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. جڏهن ته 2103  ماڻهو ان وائرس سبب متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهيچين ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 17 هزار کان وڌيڪ ويو آهي، جڏهن ته ان وائرس سبب فوتين جو انگ 360 ٿي ويو آهي. چين جي صنعتي شهر ونزائو ۾ به ڪورونا وائرس جي بيماري پکڙجڻ سبب شهر کي لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي. چين جي صحت کاتي ٻڌايو آهي ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 57 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن بعد ان وائرس سان چين ۾ فوتين جو ڪل انگ 360 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرين جو انگ 17 هزار کان وڌي ويو آهي. ڪورونا وائرس سبب سخت متاثر شهرن ۾ ووهان آهي جڏهن ته ان شهر ۾ 10 ڏينهن اندر هڪ اسپتال تيار ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هڪ هزار بسترن جي گنجائش آهي. مقامي ميڊيا مطابق اسپتال سومر کان ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جتي هڪ هزار 400 فوجي ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ڪورونا جي مريضن کي علاج ۾ مصروف آهي. ان اسپتال کي فائر گارڊ مائينٽين جو نالو ڏنو ويو آهي. هوڏانهن چين جي صنعتي شهر ونزائو کي به ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ سبب لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي. اهو شهر ووهان کان 800 ڪلوميٽر ڏور اوڀر ۾ واقع آهي جنهن جي آبادي 90 لک تي ٻڌل آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪيس 64 هزارن کان وڌي ويا

ڪراچي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 44 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے