نڪور خبرون
Home / پاڪستان / آءِ جيز معاملي تي 2 قانون ملڪ ۽ حڪمرانن لاءِ خطرناڪ آهي: خورشيد شاهه

آءِ جيز معاملي تي 2 قانون ملڪ ۽ حڪمرانن لاءِ خطرناڪ آهي: خورشيد شاهه

سکر (بيورو رپورٽ) نيب هٿان گرفتار ٿيل پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته آءِ جيز معاملي تي 2 قانون ملڪ ۽ حڪمرانن لاءِ خطرناڪ آهي، حڪومت ٻڌائي ته مهانگائيءَ ڪندڙ ڪير آهن؟ سکر جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه کي پيش ڪيو ويو. عدالت ڪيس تي ٻڌڻي ملتوي ڪندي ريفرنس ۾ ڄاڻايل سمورن جوابدارن کي 18 فيبروريءَ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته موجوده حڪومت مهانگائيءَ جو سونامي آڻي ملڪ ۾ تباهي مچائي آهي. وزيراعظم عمران خان چوي ٿو ته روزانو 12 ارب رُپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، هاڻي اهي 12 ارب رُپيا بچن ٿا ته ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن. حڪمران ٻڌائين ته مهانگائي ڪندڙ ۽ عام واهپي جي شين جا اگهه وڌائڻ وارا ڪير آهن؟ هڪ سوال جي جواب ۾ پ پ ايم اين اي چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چار چار آءِ جيز تبديل ٿين ٿا، پر سنڌ ۾ آءِ جي تبديل نٿو ڪيو وڃي، هڪ ملڪ ۾ ٻه قانون ملڪ ۽ حڪمرانن لاءِ خطرناڪ آهي. حڪومت پنهنجي آئيني ذميواري پوري نه ڪري رهي آهي. ضمانت جي حوالي سان پُڇيل سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته کيس الله مان اُميد آهي ۽ الله ئي ساڻس انصاف ڪندو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ريلوي شهرين لاءِ محفوظ سفر يقيني بڻائيندو: شيخ رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم هدايت ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے